تماڪ

تماڪ

تماڪ

تماڪ

تماڪ

تماڪ

تماڪ

تماڪ (Tobacco ):تماڪ هڪ دوا ۽ نشيدار فصل آهي، جنهن جا ٻہ قسم ٿين ٿا. هڪ اڇو ۽ ٻيو ڪارو تماڪ آهي. هن جو رنگ سائو ۽ سرخ، ذائقو تيز، مزاج گرم ۽ خشڪ اٿس. اڃ لڳائي ٿو ۽ دماغ کي ريزش کان خشڪ ڪري ٿو. تماڪ جا پن دوا ۽ نشي لاءِ ڪتب اچن ٿا. سنڌ ۾ تماڪ جو فصل ٻن مقصدن لاءِ پوکيو وڃي ٿو. هڪ حقي جي لاءِ تماڪ ۽ ٻيو ٻيڙي پيئڻ وارو تماڪ. حقي وارو تماڪ خاص طور دادو ضلعي جي شھر بوبڪ ۾ پوکيو وڃي ٿو، جنهن کي بوبڪائي تماڪ چئجي ٿو. جڏهن تہ حق جي تماڪ جي ڀيٽ ۾ ٻيڙي وارو تماڪ تمام گهٽ ايراضيءَ تي پڻ پوکيو وڃي ٿو، جنهن ڪري هر وقت تماڪ جي کوٽ رهي ٿي. سنڌ ۾ حقي ۽ ٻيڙي واري تماڪ جي پوک ڪاميابيءَ سان ٿي سگهي ٿي. تماڪ گهڻو رڪي حقي، پائيپ، سگريٽ، سگار ۽ ٻِيڙي ۾ پيئڻ ۽ پان ۾ وجهي کائڻ جي ڪم اچي ٿو. پر ڪاري تماڪ جي ناس ٺاهي مٿي جي سور، نزلو، دماغ جي رطوبت يا ريزش خشڪ ڪرڻ لاءِ مهارن ۾ لڳائڻ مفيد آهي.
تماڪ جو استعمال ۽ فائدا: تماڪ مان ٻيڙيون ۽ سگريٽ تيار ٿين ٿا. هن جو حقي ۾ استعمال ٿئي ٿو. ان کان علاوہ تماڪ چٻاڙڻ ۾ ڪم اچي ٿو. هن جو سفوف ناس طور بہ ڪم اچي ٿو. تماڪ واپرائڻ سان ٿڪاوٽ دور ٿئي ٿي ۽ بي آرامي ختم ٿئي ٿي. خاص ڪري جڏهن تماڪ جو واهپو جسماني ۽ ذهني ٿڪاوٽ لاءِ هجي. ان ڪري تماڪ عام طور ان مقصد لاءِ ڪم اچي ٿو، تماڪ جو ذائقو ڪڙو، تيز ۽ قي آڻيندڙ آهي. تماڪ جو پيلاڻ مائل رنگ، نرم ۽ مڙي پوندڙ تجارتي وکر آهي، جنهن ۾ ٿورو آلو ۽ مٿان ماکي جهڙو مادو ٿئي ٿو. تماڪ کي ڪٽڻ سان نشي آور بوءِ اچي ٿي، جيڪا تماڪ جي تازن پنن مان نٿي ملي. طبي لحاظ کان ورجينا تماڪ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. هن جا خاص جزا پاڻي، اسپرٽ ۽ شراب ۾ جذب ٿين ٿا. پر گرميءَ سبب ختم ٿي وڃن ٿا. تماڪ جا ٻج الڪوحل پيدا ڪن ٿا، جيڪا پيلاڻ مائل ست (Extract) ٿئي ٿي، جنهن ۾ کنڊ ۽ نڪوٽين جا مرڪب ٿين ٿا. تماڪ جي پنن ۾ ان جو جوهر نڪوٽين 2 کان 5 في سيڪڙو ٿئي ٿو، جيڪو زهر قاتل آهي، جنهن جا ٻہ قطرا پيئڻ سان ڪُتي جهڙو جانوري مري سگهي ٿو. هي جزو گرمي جي اثرن سبب بخارن ۾ تبديل ٿي تماڪ جي دونهين ۾ موجود هوندو آهي.تماڪ جو ٻورو ڦٽن، ناسور، جزام، اک جي اٿڻ يا سوڄ لاءِ ٻڌجي. جڏهن تہ مسوڙن جي سور ۽ ڏندن جي سور ختم ڪرڻ لاءِ تماڪ وات ۾ وجهي چٻاڙجي. هن کي اٽي سان رڌي لپري ٺاهي سخت سوڄ واري هنڌ تي ٻڌجي تہ ان کي نرم ڪري ٿو. اڇو تماڪ کنگهہ، دم ڪشي، سيني جي رطوبت ۽ بلغم جي تحليل لاءِ استعمال ڪجي. ٿورو تماڪ پيئڻ سان آنڊن جي حرڪت ۽ اخراج تيز ٿي قبضي ختم ڪري ٿو.
آبهوا ۽ ماحول: تماڪ عام ٻوٽو آهي جيڪو برصغير هندوستان ۽ پاڪستان سان گڏ پوري دنيا ۾ پوکيو وڃي ٿو. تماڪ جو ٻوٽو سڀ کان پهريائين ميڪسيڪو ۾ 1520ع جي دوران دريافت ٿيو، جيڪو بعد ۾ ويسٽ انڊيز ۽ اتر آمريڪا ڏانهن پکڙيو. ان بعد سورهين صديءَ ۾ پورچوگال کان يورپ آيو. هن ٻوٽي جا ٻج جين نڪوٽ متعارف ڪرايا ۽ ان بعد تماڪ تي پيدائشي نالو رکيو ويو. هي ٻوٽو سورهين صدي جي آخر تائين تماڪ نوشي (Smoking) لاءِ ڪتب آيو، جيڪو بعد ۾ انگلينڊ، ترڪي، مصر، انڊيا ۽ چين ڏانهن پکڙيو. تماڪ دنيا ۾ وڏي ايراضيءَ هيٺ پوکيو وڃي ٿو، جنهن مان زياده پيداوار ملي ٿي. تماڪ ناڻي وارن فصلن ۾ شمار ٿئي ٿو. جيڪو پاڪستان ۾ هڪ اندازي موجب 57 هيڪٽرن ايراضيءَ تي پوکيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ تماڪ سرحد صوبي ۾ گهڻي ايراضيءَ تي پوکيو وڃي ٿو. ان سان گڏوگڏ سنڌ صوبو بہ پڻ تماڪ جي پيداوار ۾ اڳڀرو آهي. هندوستان دنيا جي گهڻي قسمن جون تماڪ واريون جنسون تجارتي بنياد تي پوکي ٿو. سنڌ ۾ تماڪ جون ديسي جنسون پوکيون وڃن ٿيون. جنهنڪري پيداوار گهٽ ملي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي تہ تماڪ وقت سر پوکي ۽ پيداوار ۾ اضافو آندو وڃي.
زمين جي چونڊ ۽ تياري: تماڪ هڪ نازڪ فصل آهي، ان لاءِ زمين جي چونڊ ۽ تياري وڏي اهميت رکي ٿي. تماڪ لاءِ هلڪي وارياسي يا ريتيلي لٽياسي زمين ٻيجاري پوکڻ لاءِ وڌيڪ موزون آهي. ڇاڪاڻ تہ هن قسم جي زمين ۾ پاڻي چھڻ يا چوسڻ جي خاصيت سٺي رهي ٿي. تماڪ جي ٻيجاري پوکڻ لاءِ زمين کي بهتر نموني هر ڏئي سنوت ۾ آڻجي. ويسي جون ٻاريون ٺاهي ان ۾ گند ڪچرو وجهي سٺي نموني ساڙڻ گهرجي تہ جيئن ٻيجاري واري ٻاري مان نہ فقط گندگاھہ پر جيتن ۽ بيمارين جو مڪمل خاتمو آندو وڃي.
ٻيجاري پوکڻ جو وقت: سنڌ ۾ تماڪ جي ٻيجاريءَ جي پوک سيپٽمبر مهيني ۾ ڪرڻ گهرجي تہ جيئن ٻيجارو آڪٽوبر ۽ نومبر مهينن ۾ رونبي لاءِ تيار ٿي وڃي. جڏهن تہ ٻج جي ڦوٽهڙي لاءِ گرميءَ جو درجو 25 کان 30 هجڻ ضروري آهي. ٻي صورت ۾ ٻج جو ڦوٽهڙو نہ ٿيندو.
جنسون: تماڪ جي پوکيءَ لاءِ صاف ۽ طاقتور يا سگهارو ڦوٽهڙو رکندڙ ٻج استعمال ڪجي. سنڌ ۾ هن وقت تماڪ جون ٻہ جنسون موجود آهن. جنهن ۾ ٽنڊو ڄام ۽ بوبڪائي تماڪ واريون جنسون ڪاميابيءَ سان پوکي سگهجن ٿيون.
ٻج جو مقدار: تماڪ جي ٻيجاري لاءِ 100 گرام صاف سٿرو ٻج هڪ ويسي جي ٻاري ۾ پوکڻ گهرجي، جيڪو هڪ ايڪڙ زمين لاءِ ڪافي آهي.
قطارن جي وڇوٽي: تماڪ جي پوک لاءِ قطارن ۽ ٻوٽن جي وچ۾ مفاصلو تماڪ جي قسم تي مدار رکي ٿو. جڏهن تہ تماڪ جي ناٽو قسم لاءِ 80x80 سينٽي ميٽر ۽ ورجپنا تماڪ لاءِ 100x100 سينٽي ميٽر وڇوٽي بهتر نتيجا ڏئي ٿي.
ٻيجاري پوکڻ جو طريقو: ٻيجاري پوکڻ وقت وڌ کان وڌ احتياط جي ضرورت آهي. ٻيجاري جي پوکيءَ وقت ٻہ ڪلو لٽياسي مٽي کڻي ان ۾ 100 گرام تماڪ جو ٻج ملائي تيار ٿيل هڪ ويسي واري ٻاري ۾ ڇٽ ڪجي ۽ بعد ۾ ان مٽيءَ جو سنهو تھہ ڏجي تہ جيئن ٻج ڍڪجي وڃي، بعد ۾ ڪوڏر يا تراکڙي ڪاٺي سان هلڪي ٺپ ڏئي بعد ۾ هلڪو پاڻي ڏجي.
رونبي لاءِ زمين جي چونڊ: تماڪ جي فصل لاءِ لٽياسي زمين جي چونڊ ڪجي، جنهن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جي سٺي صلاحيت هجي. زمين کي پوکيءَ لاءِ تياريءَ واسطي 2 کان 3 هر ڏجن ۽ زمين کي سنوت ۾ آڻجي، تماڪ جي پوک لاءِ زمين ۾ وٿاڻ جو ڀاڻ 25 کان 30 گاڏيون في ايڪڙ پوکيءَ کان اڳ ڏجن. تماڪ جي پوک لاءِ تيزابي يا کهري زمين جنهن جي پي ايڇ 5.5 کان 6.5 هجي تہ اها زمين هن فصل جي پوکيءَ لاءِ بهتر آهي. ان کان علاوہ اهڙي زمين جنهن جي زير زمين پاڻيءَ جي سطح ٽن فوٽن کان گهٽ هجي تہ ان صورت ۾ اها زمين فصل لاءِ غير مناسب آهي.
رونبي جو وقت ۽ طريقو: زمين جي تياريءَ بعد جنهن وقت ٻيجارو ڇھن کان ڏهن هفتن جو ٿئي يا وري ٻوٽن ۾ پهريان 4 کان 6 پن ٿين ۽ قد ۾ بہ 15 کان 20 سينٽي ميٽر جو ٿئي تہ ان وقت رونبو شروع ڪجي. تماڪ جو رونبو قطارن ۾ ڪجي تہ بهتر ٿيندو. ڇاڪاڻ تہ قطارن ۾ رونبي سبب گهڻا فائدا ملن ٿا، جنهن ۾ گندگاھہ جي خاتمي ۾ آساني، ڦوهاري ۾ سولائي ۽ فصل ۾ هوا جو گذر ۽ کاڌ خوراڪ هڪجهڙي ملي ٿي ۽ فصل جي ڪٽائي بہ آسان ٿئي ٿي.
ڀاڻ ڏيڻ: تماڪ جي فصل ۾ ڏيڍ ٻوري يوريا ۽ هڪ ٻوري ڊي اي پي ۽ هڪ ٻوري پوٽيشيم ۽ مني ٻوري يوريا فصل جي پوکيءَ وقت ۽ باقي رهيل مني ٻوري يوريا فصل جي چوٽي جي ڪٽائيءَ وقت ڏيڻ گهرجي. جڏهن تہ فاسفورس ۽ پوٽاش وارا ڀاڻ فائديمند آهن.
پاڻي ڏيڻ: تماڪ جي ٻيجاري واري ٻاريءَ کي ضرورت آهر يا ٽن چئن ڏينهن بعد پاڻي ڏيڻ گهرجي. ان ڳالھہ جو خاص خيال رکڻ گهرجي تہ جيئن زمين سڪي يا خشڪ ٿي نہ پوي. زمين ۾ هر وقت گهم موجود هئڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ ڦٽل ٻوٽا سڪي ويندا ۽ ٻيجارو بہ گهٽ اوسر ڪندو. تماڪ جي فصل لاءِ هر 20 ڏينهن بعد پاڻيءَ جي سفارش ڪجي ٿي.
لابارو ۽ ڪٽائي: تماڪ جو فصل رونبي کان پچڻ تائين 100 کان 120 ڏينهن وٺي ٿو يا وري جنهن وقت پن پچڻ شروع ڪندا تہ ان وقت فصل جا پن ساواڻ کان پيلاڻ يا هلڪي پيلي رنگ جا ٿيڻ لڳن يا جڏهن سندس پن ويڙهجي چيرجڻ شروع ڪن تہ ان وقت هيٺيان پن ڪٽڻ گهرجن. بعد ۾ آهستي آهستي ٻن ٽن هفتن جي وقفي دوران وچيان پن ڪٽڻ گهرجن.
چوٽو ڪٽڻ: لابارو يا ڪٽائي هيٺين حصي کان ڪجي ۽ هڪ وقت 2 يا 3 پن ڪٽجن. تماڪ جي ورجينا واري قسم جا جيڪڏهن 20 کان 24 ٻوٽي جا پن تيار ٿين تہ ڪٽائي ڪجي. اهڙيءَ طرح هر هفتي 6 کان 8 گوشا ڪٽجن. ڪٽائيءَ بعد پن بانس جي لڪڙن تي ٽنگجن، جيڪي هر لڪڙي تي 100 پن تياريءَ لاءِ رکجن. ٻيڙي وارو تماڪ جنوري ۽ فيبروريءَ ۾ ڪٽيو وڃي ٿو. جڏهن تہ سگار ۽ چروٽ وارو تماڪ 90 کان 100 ڏينهن بعد ڪٽيو وڃي ٿو. ان صورت ۾ جڏهن پن ڀرڪڻا ۽ پيلاڻ مائل ساوا هجن. ٻي پاسي چٻاڙڻ وارو تماڪ پوکيءَ جي 110 کان 120 ڏينهن بعد ڪٽيو وڃي ٿو. جڏهن تہ حقي وارو تماڪ مئي ۽ جون ۾ ڪٽيو وڃي ٿو. اهڙيءَ ظرح ٻيڙي، سگار ۽ چروٽ، چٻاڙڻ ۽ حقي واري تماڪ لاءِ سڄو ٻوٽو ڪٽيو وڃي ٿو. تماڪ جي فصل ۾ پن جي چوٽي يا گل جي چوٽي جي ڪٽائي ڪئي وڃي ٿي، جيڪا تماڪ جي واڌ، اوچائي، جسامت، قد ۽ ان جي خاصيت ۾ سڌارو آڻي ٿي.
تماڪ جي تياري: تماڪ جا پن ڪٽائي بعد ۾ تياريءَ هيٺ اچن ٿا تہ جيئن ان جي پنن ۽ ڏانڊين ۾ ضرورت وارو رنگ، ساخت ۽ خوشبوءِ اچي سگهي. هن سلسلي ۾ تماڪ جي تياريءَ جا مختلف طريقا، تماڪ جي قسم مطابق اختيار ڪيا وڃن ٿا، جنهن جو دارومدار ان جي خاصيت ۽ استعمال جي نوعيت تي آهي. تماڪ جي مختلف تياريءَ وارن طريقن ۾ حقي واري تياري (Flue Curing)، هوائي تياري (Air Curing)، سج جي روشني واري تياري (Sun Curing)، دونهين واري تياري (Smoke Curing)، کڏي يا چلهي واري تياري (Pit Curing) وغيرہ. جڏهن تہ تماڪ جي قسم ”ورجينا تماڪ“ خاص خانن (Special Chambers) ۾ تيار ڪيا وڃن ٿا، جنهن کي ڀانڊو يا گدام چئجي ٿو ۽ ان ۾ هٿرادوگرمي گذاري وڃي ٿي، جيڪي لوھہ يا ڌاتو جا پائيپ ٿين ٿا ۽ انهن کي چمنيون (Flues) چئجي ٿو.


لفظ تماڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو