تَماچِي: ’سما‘ گهراڻي جو مشھور بادشاھہ ”سلطان رڪن الدين شاھہ ڄام تماچي“، سنڌ جي تاريخ ۾ ”ڄام تماچيءَ“ جي نالي سان مشھور آهي، جنهن791ھہ/1338ع کان 795ھہ/1342ع تائين سنڌ تي خودمختيار حاڪم طور حڪومت ڪئي. ”نوري مهاڻيءَ“ سان سندس محبت جو داستان مشھور آهي. مڪليءَ تي ”شاهي مقام“ قائم ڪيائين، جتي ئي مدفون آهي. روايت مطابق ڄام تماچي شيل شڪار لاءِ هميشہ ڪينجهر ڍنڍ تي ايندو رهندو هو، جيڪا ڍنڍ ”ڪينجهر“ نالي هڪ گندري ،مهاڻي جي ڪري مشھور هئي. هن، ڍنڍ جي ڪناري تي پنھنجي رهڻ لاءِ هڪ ماڙي پڻ ٺهرائي هئي، جتان ويهي ڍنڍ جو نظارو ڪندو هو ۽ جنهن وقت بہ سندس دل چاهيندي هئي، ٻيڙيءَ تي چڙهي ڍنڍ جي سير تي نڪري ويندو هو. ڪينجهر ڪناري رهندڙ گندرا،ملاح جڏهن بادشاھہ جي اچڻ جو ٻڌندا هئا تہ ميلا مچي ويندا هئا. نوري، ڪينجهر مهاڻي جي ڌيءَ هئي، جنهن لاءِ هڪ ٻي روايت آهي تہ سنڌ جي حاڪم جسودڻ راءِ جي ڌيءُ هئي، پر ڄمڻ شرط ڪوڙھہ جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري، سندس پيءُ جسودڻ راءِ، ٻانهين کي حڪم ڏنو تہ کيس اوڙاھہ ۾ اڇليو وڃي. ٻانهيون جڏهن نوريءَ کي اوڙاھہ ۾ اڇلڻ لاءِ کڻي وڃي رهيون هيون تہ واٽ تي کين ڪينجهر گندرو مليو، جنهن سندن پيرائتي ڳالھہ ٻڌڻ کان پوءِ، ٻانهيءَ کان نوريءَ جي گهر ڪئي. ٻانهي پڻ پاپ کڻڻ کان ڇوڪريءَ کي گندري جي حوالي ڪرڻ کي ترجيح ڏني. اهڙيءَ طرح نوريءَ، ڪينجهر گندري جي گهر ۾ پلجي جوان ٿي ۽ درويش هوندڙي جي دعا ۽ دوا سان ڪوڙھہ جي مرض مان آجي ٿي. سندس سونهن موٽي آئي ۽ هوءَ سدا ملوڪ، سھڻي ۽ سيبتي ٿي پئي، ان ڪري نوري شاھہ هوندڙي جي وفات کان پوءِ روزاني سندس مزار تي حاضري ڀرڻ ويندي هئي. هڪ ڏينهن نوريءَ کي شاھہ هوندڙي جي آستان تان موٽڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ رات پئجي وئي، ملاح رستو ڀلجي پيو، تنهن نوريءَ کي چيو تہ مون کي گس جي ڪابہ خبر نٿي پوي. اهو ٻڌي نوريءَ پنھنجي منهن تان پلؤ کڻي ڏٺو تہ سندس منهن مان وڄ جهڙو شعاع نڪتو ۽ ان شعاع تي ملاح پنهنجو گس ڏسي ورتو ۽ ٻيڙي ڪاهي اچي ڪناري ڀيڙو ٿيو. انهيءَ رات ڄام تماچيءَ بہ پنھنجي ماڙيءَ تان ويٺي ڪينجهر جو نظارو ڪيو، تنهن اوچتو تجلو ڏسي، اميرن وزيرن کان سبب معلوم ڪيو. اميرن ۽ وزيرن کيس صبح ٿيڻ تي معلومات وٺي اچڻ لاءِ وقت گهريو. ٻئي ڏينهن صبح جو وزير ٻيڙيءَ جي ملاح کان راتوڪي تجلي بابت پڇا ڪئي، ملاح پيرائتي ڳالھہ کيس ٻڌائي. وزير ڏٺو تہ اها ڳالھہ جيڪڏهن بادشاھہ کي ٻڌائبي تہ بادشاھہ هرکي پوندو، تنهنڪري بادشاھہ کي وڄ جي چمڪڻ جو چئي لهرائي ويو. اهڙيءَ طرح ٻہ ٻيا وزير بہ موڪليا ويا، پر انهن بہ اهو بهانو ٺاهي، اصل حقيقت لڪائي ڇڏي. ان بعد بادشاھہ پاڻ ٺھي سنڀري، ڪينجهر جي سير تي روانو ٿيو. ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ کان پوءِ ملاح کان ان رات واري واقعي بابت پڇا ڪيائين، جنهن کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايو. اهو ٻڌي بادشاھہ نوريءَ کي دل ئي دل ۾ پنھنجي راڻي بڻائڻ جو پڪو ارادو ڪيو. ٻئي ڏينهن بادشاھہ ڄام تماچي سمو، ڪينجهر گندري جي ککيءَ هاڻي کڏيءَ تي ڪھي آيو ۽ اچي کانئس نوريءَ جو سڱ گهريائين. ڪينجهر گندري ها ڪئي ۽ نوري اڳتي هلي ڄام تماچيءَ جي راڻي بڻي. ڄام تماچي پنھنجي ڀاءُ ڄام ڀنڀي کان پوءِ حڪمران ٿيو ۽ تيرهن سال آرام سان حڪومت ڪري گذاري ويو. هڪ روايت موجب نوري ۽ تماچي ڄام جو مقبرو ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي آهي، جڏهن تہ آرڪيالاجي وارن موجب سندن مزارون مڪليءَ تي آهن. ڄام تماچي پنھنجي ڀاءُ ڄام ڀنڀي/ بابيني وانگر محب وطن، دلير ۽ انصاف پسند هو ۽ پنھنجي ڀاءُ ڄام بابيني جي مرڻ کان پوءِ پنھنجي سؤٽ خير الدين ڄام توڳاچي سان گڏ حڪومت ڪئي. صدر الدين ڄام بابينو ۽ رڪن الدين شاھہ ڄام تماچي، فيرزو الدين شاھہ ڄام انڙ اول جا پٽ هئا، ڄام تماچي سنڌ جو ٻہ دفعا حاڪم ٿيو. نوري ڄام تماچيءَ جي واقعي تي شاھہ لطيف جو مڪمل سر ڪا موڏ موجود آهي.