تغلق: تغلق هڪ خاندان جو نالو آهي، جنهن دهليءَ تي حڪومت ڪئي. هن خاندان جو باني غياث الدين تغلق هو، جيڪو ترڪن جي قبيلي مان هو. سندس پيءُ ترڪ ۽ ماءُ هندستاني نسل مان هئا. 1325ع ۾ بنگال جي مھم تان واپس ايندي، سندس پٽ محمد تغلق رهائش لاءِ هڪ عارضي جاءِ ٺهرائي، جنهن جي ڇت اوچتو ڪري پئي، جنهن ۾ بادشاھہ دٻجي مري ويو. ان کان پوءِ محمد تغلق بادشاھہ بڻيو. ابتدائي ڏهن سالن جي حڪمرانيءَ کان پوءِ، 1335ع ۾ سنڌ جي بغاوت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪاهي آيو هو، پر سنڌين جي حڪمت عمليءَ تحت هو اجل جو شڪار ٿي ويو. ان بعد سندس سئوٽ فيروز شاھہ ولد رجب تغلق بادشاھہ ٿيو. فيروز شاھہ بہ سنڌ تي حملي آور ٿيو ۽ شڪست کائي ڀڳو. 1388ع ۾ فيروزشاھہ کي هڪڙي سنڌي سونهين (Guide) لشڪر سوڌو ڪونجي رڻ ۾ ڀلائي وڃي ڪڍيو ۽ هن بہ ڪونجي رڻ ۾ رُلي وڃي وفات ڪئي، اُن کان پوءِ غياث الدين ثاني حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. سندس وفات کان پوءِ آهستي آهستي سنڌ ۾ تغلق حڪمرانن جو زور گهٽجي ويو. اُن زماني ۾ سنڌي سومرا حڪمران هئا. (وڌيڪ ڏسو: سومرا دؤر) سومرن جي دؤر کان پوءِ سمن جي دؤر (وڌيڪ ڏسو: سما دور) شروع ٿيڻ سان تغلق حڪمرانن جا سنڌ مان پير نڪرڻ لڳا. جڏهن 762ھہ/ 1360ع ۾ فيروزشاھہ تغلق سنڌ ۾ آيو هو، تڏهن ڄام خيرالدين چاليھہ هزار فوج سان ساڻس مقابلو ڪيو هو، جنهن ۾ فيروزشاھہ شڪست کاڌي هئي ۽ سنڌ ملڪ مڪمل طور آزاد ٿي ويو هو. ٻنهي تغلق حڪمرانن جي شڪست تي سنڌين عام نعرو هنيو هو:
”ببرڪت پير پٺو، هڪ مئو، ٻيو ٽٺو“
فيروز شاھہ کان پوءِ ٻين تغلق حڪمرانن هندستان تي حاڪميت ڪئي. سندن حڪومت جو خاتمو 802ھہ/ 1399ع ۾ آيو .