تعميه: تعميه جي اصطلاحي معنيٰ آهي تاريخ جي عدد کي درست ۽ برابر ڪرڻ. مادہ تاريخ پوري مصرع ۾ هجي يا فقري ۾، پر جيڪڏهن ڪجهه عدد گهٽ هجن تہ ڪو حرف انهيءَ عدد جو ملائي ڇڏبو آهي تہ اها ڪمي پوري ٿي ويندي آهي. انهي عدد وڌائڻ کي ”تعميه“ چون ٿا.
مثال:
پڙهي جو ڏٺو مون بياضِ نظامي،
چيم آھه هي ڄڻ رياضِ نظامي،
پڇيم عيسوي سال دل کان چيو دل،
بحمدالله چئي بياضِ نظامي.
”بياض نظامي“ جو عدد 1814 نڪري ٿو، جنهن ۾ بحمدالله جا 120 عدد ملائبا تہ عيسوي تاريخ 1934ع نڪرندي .