تعليم الاسلام سنڌي

تعليم الاسلام (سنڌي): هيءُ ڪتاب اصل ۾ برصغير جي مشھور عالم مولانا مفتي ڪفايت دهلويءَ جو تصنيف ڪيل آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو پروفيسر عبدالرحمٰن جتوئيءَ ۽ ڊاڪٽر گلزار احمد سومري ’عبدوي‘ ڪيو آهي، ڪتاب سال 2002ع ۾ ’منظور بوڪ اسٽور شڪارپور‘ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. هيءُ ڪتاب چئن حصن تي مشتمل آهي، جن ۾ سوالن ۽ جوابن ذريعي شرعي، ديني ۽ فقهي مسئلا سمجهايا ويا آهن. ڪتاب نهايت لاڀائتو آهي، جنهن جو ترجمو ڪيترين ئي ٻولين ۾ ٿيو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ بہ هن ڪتاب جا چار- پنج ترجما ٿيا آهن. هيءُ ترجمو بہ معياري ۽ عام فھم آهي. 216 صفحن تي مشتمل، پلاسٽڪ ليمينيشن ڪور سان، رنگين ۽ پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 35 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو