تشبيب: شاعريءَ جي فن ۾ تشبيب بنيادي طور تي قصيدي جو پهريون حصو آهي. تشبيب عربي لفظ شب مان ورتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ’جوان ٿيڻ‘، اصلاحي معنيٰ موجب ڪنهن جي جوڀن جو تذڪرو ڪرڻ يا محبوب جي حسن جي ساراھہ ڪرڻ. شاعراڻي اصطلاحي معنيٰ موجب مدحيه قصيدي ۾ ممدوح جي مدح کان اڳ عشقيه، بھار جي موسم، حسن ۽ جوڀن جهڙن مضمونن بابت شعرن کي، يا قصيدي جي شاعرانه تمهيد کي ’تشبيب‘ چيو ويندو آهي. جيئن تہ عربي قصيدن ۾ سونهن سوڀيا، جوڀن، پيار ۽ محبت جو ذڪر عام هوندو هو. ان کي فارسي شاعر رودڪيءَ الڳ ڪري غزل جو روپ ڏنو ۽ بعد ۾ ڪن شاعرن قصيدي جي تمهيد کي قصيدي کان الڳ ڪري ’تشبيب‘ جي صنف بنائي ڇڏيو. غزل ۽ ’تشبيب‘ ۾ فرق بہ اِهو ئي آهي تہ تشبيب ۾ قصيدي وانگر ڪو خاص موضوع بيان ٿيل هوندو آهي، يعني جيڪڏهن سونهن، پيار يا واکاڻ جي ڳالھہ هوندي تہ تشبيب ۾ رڳو اِهو ئي قصو هوندو، جڏهن تہ غزل ۾ هڪ موضوع نہ هوندو آهي، پر هڪ ئي وقت غزل جي الڳ الڳ بندن ۾ الڳ الڳ موضوع، بلڪ هڪ بند جي اُبتڙ موضوع تي ٻيو بند لکي سگهجي ٿو. ترتيب جي لحاظ کان تشبيب بہ غزل جهڙي ئي بيهڪ رکي ٿي. يعني پهريون بند مطلع ۽ آخري بند مقطع، تشبيب جا سمورا بند هم قافيه هوندا آهن ۽ بندن جو تعداد بہ غزل جي برابر هوندو آهي، جنهن مان ڪنهن بہ بند ۾ شاعر پنهنجو نالو يا تخلص ڏيڻ چاهي تہ ڏئي سگهي ٿو. تشبيب کي نشيب بہ چيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ موضوع جي حوالي سان هيءَ صنف غزل کان الڳ تہ هئي، پر جيئن تہ هن صنف کي ڪي سُٺا شاعر نہ ملي سگهيا، ان ڪري اُسري نسري نہ سگهي.