تُزڪ جهانگيري: شهنشاھہ جھانگير فارسي زبان جو سٺو مصنف پڻ هو. سندس علمي ۽ ادبي شاهڪار ”تزڪ“ آهي، جيڪا سندس ڊائري آهي. هن ۾ جهانگير، پنھنجي زندگيءَ جا واقعا جيئن جو تيئن لکيا آهن. ميدان جنگ جي مقابلن، بزم عشرت جي سرگرمين ۽ علمي مسئلن جي سڀني رخن کي نهايت سادي زبان ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي. جھانگير خود شاعر بہ هو، انهيءَ ڪري تزڪ ۾ هر جاءِ تي ان دور جي ادبي سرگرمين جو ذڪر موجود آهي. جهانگير، شاعرن تي تنقيد ڪندي، نهايت اختصار ۽ سادگيءَ سان ڪافي ڪجهہ لکيو آهي، هيءُ ڪتاب فارسي ادب جو مستقل سرمايو ۽ هندستان جي تاريخ جو هڪ اهم ماخذ آهي. هن ڪتاب جا انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ ترجما پڻ ڇپجي چڪا آهن .