تزڪ بابري

تُزڪ بابري: هيءَ مغل شهنشاھہ بابر جي خود نوشت سوانح (ڊائري) آهي، جيڪا هن چغتائي ترڪي زبان ۾ لکي هئي. شهنشاھہ اڪبر جي حڪم تي 1589ع ۾، عبدالرحيم خان خانان انهيءَ جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هي ”تزڪ“ بيحد مقبول آهي. اهوئي سبب آهي، جو انهيءَ جو ترجمو روسي، انگريزي، فرينچ ۽ اردوءَ ۾ بہ ٿي چڪو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ بہ هن جو ڪجهہ حصو ڇپيو هو. هن ”تزڪ“ ۾ بادشاھہ بابر ادب، شعر، موسيقي، مصوري ۽ خطاطيءَ تي بيباڪ تبصرو ڪيو آهي، جيڪو نهايت لطيف ۽ دلچسپ آهي. هي ”تزڪ“ تاريخي واقعن جي تصوير، سماجي سرگرمين جي ڄاڻ ۽ جاگرافيائي معلومات جو ذخيرو آهي. هن ۾ بابر جي هم وطنن جي شڪل شبيھہ ۽ عادتن وغيرہ جي ڄاڻ نظر اچي ٿي. ”تزڪ“ جي طرز تحرير بي تڪلف، سادي، دلچسپ ۽ ڀرپور آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو