ترمِذي: مشھور عالم دين، محدث، حنفي فقيہ ۽ صوفي ابو عبدالله محمد بن علي (وفات 285ھہ/ 898ع) ترمذ جو رهاڪو هو، ان ڪري هُو عُرف عام ۾ ’ترمذي‘ جي نالي سان مشھور آهي. هن عالم جون 30 تصنيفون قلمي حالت ۾ موجود آهن. هن پنهنجن ڪتابن ۾ مسئلن جو تفسير ۽ توضيح اهل سنت جي طريقي موجب ڪئي آهي. مثلاً: ”نورِ محمديءَ جو ازل کان موجود هجڻ“، ”آدميت جي حقيقت“، ”ابجد جي 28 حرفن جو مُلھہ“، ”ملائڪن جو علم ۽ ولايت جو معيار“. تصوف جي تاريخ ۾ بہ هي ئي واحد شخص آهي، جنهن صوفين جي طبقن تي سڀ کان پهريون ڪتاب لکيو، پر ان جو پتو اسان کي صرف اقتباسات جي ذريعي ملي ٿو. هيءُ ابن عربيءَ جو صحيح پيشرو آهي. ٽي سئو سال پوءِ ابن العربي (شيخ اڪبر) سندس تصنيفن جو غور سان مطالعو ڪري پنھنجي علم ۾ واڌارو ڪيو .
0898.00.00 عيسوي
ترمذي صوفي ابو عبدالله محمد بن علي 285هه/ 898ع وفات ڪئي