تذڪره محڪ شعراءِ: ٽالپرن جي دور ۾ فارسي گو شاعرن جو هي ٽيون تذڪرو سال 1253ھہ /1837ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ محمد صالح شاملوي خراساني تحرير ڪيو. مؤلف جي سوانح بابت تمام ٿوري معلومات ملي ٿي. ان ڏس ۾ صرف ايترو معلوم ٿيو آهي تہ محمد صالح جو تعلق فتح علي شاھہ قاچار (1212ھہ/1797ع-1260ھہ/1844ع) جي دور سان هو. پاڻ سنڌ ۾ مير نور محمد ٽالپر (1249ھہ/1833ع-1255ھہ/1839) جي زماني ۾ پهتو.ڊاڪٽر علي رضا نقوي جنهن هن تذڪري جي نشاندهي ڪئي، هن جي تاليف جو سبب هن ريت ڄاڻائي ٿو: ”ڪيتري وقت کان همعصر شاعرن بابت ڪجهہ لکڻ جو خيال هو، ليڪن بي انتها مصروفيتن ڪري ڪجهہ ڪري نہ پئي سگهيس. آخر سن 1252ھہ/1836ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾....“محڪ شعراءِ جي واحد قلمي نسخي ۾، ديباچو اڌورو لکيل آهي، لهاذا اڳتي ڇا هو، ان متعلق ڪا بہ ڄاڻ ڪانهي!محمد صالح جي تذڪري ۾ ڪل هڪ سئو ايڪياسي شاعرن جو ذڪر اچي ٿو ۽ ترتيب جي خيال کان هن جا چار حصا آهن: 1. فتح علي شاھہ قاچار جو احوال، 2. ٻارهن شهزادن جو ذڪر ، 3. فتح علي شاھہ جي چئن اميرن جو ذڪر ، 4. فتح علي شاھہ جي دور جي 164 شاعرن جو ذڪر.’محڪ شعراءِ‘ ۾ پهريون نالو فتح علي شاھہ قاچار ۽ آخري نالو ميرزا وصال شيرازيءَ جو ڏسجي ٿو. محمد صالح ايراني شاعرن سان گڏ ڪجهہ هندي شاعرن جو احوال پڻ ڏنو آهي، جيڪي هن ريت آهن: چراغ علي خان آصف جاهي (مازند راني)، عباس قلي خان نصرت دکني، برهان قلي خان لکنوي، مير محمد حسين لکنوي، ميرزا فاخر شاھجھان آبادي، ميرزا علي نقي خان لاهوري، آزاد ڪشميري، نور العين واقف ۽ هادي بيگ شائق. ڊاڪٽر علي رضا جو رايو آهي تہ مؤلف اڪثر اهڙن شاعرن متعلق ڄاڻ مهيا نہ ڪئي آهي، جن سان سندس ذاتي ڏيٺ ويٺ هئي. تعجب آهي تہ محمد صالح هندستاني شاعرن جي ذڪر ڪرڻ وقت انتهائي چالاڪيءَ سان سنڌ جي شاعرن کي ’محڪ شعراءِ‘ مان خارج ڪري ڇڏيو آهي. افسوس جو هڪ بہ سنڌي شاعر هن تذڪري ۾ شامل نہ ٿي سگهيو، کاڌائين سنڌ جو ۽ ڳايائين هند کي. هن تذڪري جو واحد قلمي نسخو (شمارو 4096) تھران جي لائبريري ۾ موجود آهي، جيڪو گهڻو ڪري محققن جي نظرن کان اوجهل پئي رهيو آهي.