تذڪره تحفة رشيدي: ارغونن ۽ ترخانن کان پوءِ سنڌ جو صوبو دهليءَ جي مغلن جي قبضي ۾ اچي ويو. مغل نوابن ۽ ڪاردارن، شاهي پاليسي پٽاندر، سنڌ ۾ پڻ فارسي علم-ادب جي گهڻي سرپرستي ڪئي. ان دور ۾ هتي جي تاريخ بابت تاريخ معصومي، بيگلار نامه، تاريخ طاهري، مظهر شاھجھاني ۽ ترخان نامہ وغيره، نالي چند ڪتاب تيار ٿيا، ليڪن تعجب آهي تہ سنڌ ۾ هن پوري دور ۾، شاعرن جو هڪ بہ تذڪرو تيار نہ ٿيو. هندستان ۾ هڪ بزرگ مرزا امير بيگ، سن 1262ھہ/1845ع ۾ حدائق الشعر نالي سان، شعراءِ ڪرام جو تذڪرو تيار ڪيو، تڏهن سندس ماخذن ۾ تحفه رشيدي نالي هڪ ڪتاب پڻ ڏسجي ٿو. هي فارسي تذڪرو ٺٽي جي علامہ عبدالرشيد (وفات 1069ھہ/1658ع) ترتيب ڏنو هو. جناب سيد حسام الدين راشدي، جنهن هن ڪتاب جو پتو لڳايو، ان جو چوڻ آهي تہ علامہ صاحب جو هي ڪتاب گم ٿي ويل آهي، ان ڪري في الحال ان جي ڪيفيت متعلق ڪجهہ چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.