تخرجه: يعني مادهء تاريخ ۾ عدد زياده هجن تہ انهن کي مناسب لفظن سان گهٽ ڪيو وڃي. جھڙوڪ: حضرت امام حسين عليہ السلام جي شهادت جي تاريخ ”تخرجه“ مان منقوط ۽ غير منقوط سڪندر علي ميرزا جرار هيئن ڪڍي آهي:سرِ حسين جدا ٿيو خرد چئي روئيحروفِ بي نقط و نقطدار ۾ تاريخ يعني حسين جي ”ح“ ڪڍي، ”س“ مان تاريخ بي نقط برابر 60 هجري ۽ ”ين“ مان تاريخ نقطدار برابر سن 60 هجري نڪري ٿو.حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي تاريخ رحلت هيئن نڪري ٿي.تعميه ۾ چئي خرد تاريخڪئي محمد زماني مان رحلت 103-92=11يعني ”زماني“ جي عددن 103 مان ”محمد“ جا عدد 92 ڪاٽبا تہ باقي 11 عددن مان حضور صلي ﷲ عليہ وآله وسلم جو سالِ رحلت نڪرندو.سنہ 1269ھہ ۾ مير علي مراد خان نئون باغ لڳايو. جنهن جو مادہ تاريخ ميرزا فتح علي بيگ ”ط و ب ا“ مان ڪڍيو.واھہ ڇا جنت نما گلشن ٿيوجا بجا جنهن مان ڏسان ط و ب ا پيو1290ھہتاريخ گوئيءَ جو بنياد ايران جي فارسي گو شاعرن وڌو ۽ ان کان پوءِ ان جو برصغير سنڌ ۽ هند ۾ رواج پيو. تاريخ گوئيءَ جي فن ۾ ٺٽي جي قديم فارسي گو شاعرن کي وڏي مهارت حاصل هئي. انهن تاريخ گوئيءَ ۾ نيون نيون صنعتون ايجاد ڪيون، جن جا مثال ”مقالات الشعراء“ ۽ ٻين قلمي نسخن ۾ موجود آهن.