تخت

تخت

تخت

تَختُ: مَسَند، گادي. صندل. ٻيڙيءَ جو اڳيون پاسو. تخت ۽ تاج لفظ گڏ استعمال ٿيندا آهن. اها مسند، ڪرسي، صندلي، جنهن تي ڪو بادشاھہ ويهي ان کي تخت چئبو آهي، تخت نشيني لاءِ اهي مخصوص هوندا آهن. مثلاً تخت طائوس، تخت سليمان وغيرہ. تخت گاھہ يعني ڪنهن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ، جيئن پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ اسلام آباد آهي،سنڌ جا تخت گاھہ آڳاٽي دور ۾ الور (اروڙ)، منصوره، ٺٽو، خدا آباد ۽ حيدرآباد رهيا آهن، پر هن وقت ڪراچي شهر، سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي.


لفظ تختھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو