تحفة الهند (ڪتاب ):هن نالي سان موسيقيءَ بابت ٻہ ڪتاب لکيا ويا آهن، هڪ اڪبر شاھہ ثانيءَ جي دور ۾ مرزا خان نالي هڪ بزرگ پنڊتن ۽ سنسڪرت جي عالمن جي مدد سان هندوستان جي سڀني علمن، جھڙوڪ: جوش، سروڌا، سامدرڪ، ڪوڪ (شاستر)، نائڪه ڀيد، اندر جال سان گڏ هندي موسيقيءَ بابت مواد پڻ شامل آهي. ٻيو ڪتاب مرزا محمد بن فخرالدين محمد، اورنگزيب جي زماني ۾ هندي علمن تي لکيو، جنهن ۾ پڻ هندي راڳ بابت لکيو ويو