تجل جا پير

تجل جا پير: تجل جي درگاھہ جو باني شاھہ عنايت شھيد جو ننڍو فرزند مخدوم سلام عرف ’ٿر ڌڻي‘ هو. جيڪو چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ پنھنجي والد جي هڪ خليفي سيد عبداللطيف ٺٽويءَ کان تلقين وٺي، تارڪ بڻيو ۽ جذب جي حالت ۾ رهڻ لڳو. هڪ ڏينھن پنھنجو قيمتي لباس لاهي ساڙي ڇڏيو ۽ لُنگ ٻڌي جهنگ منھن ڪيائين. ڪي فقير سندس پٺيان هليا، جن مان ڪڏهن ڪڏهن ’راول فقير‘ سان هو رهاڻ ڪندو هو. شاهپور چاڪر کان ٿيندو، جيسلمير ۽ جوڌپور جي ريگستاني علائقي مان گهمندو وري سنڌ جي سرحد ۾ ’ڳيرو ٿر واري ڀٽ‘ تي اچي ويٺو، جتي هينئر ’تجل جي درگاھہ‘ آهي. اتي ڦوڳ جو هڪ وڻ هو، جنھن کي سياري توڙي اونھاري ٽيڪ ڏئي ويٺو هوندو هو. سمورو وقت ڏٿ ۽ پاڻيءَ تي گذارو ڪندو رهيو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي بہ ساڻس روحاني رهاڻ هئي. ڪيترا ماڻهو وٽس مريد ٿيڻ لاءِ آيا، پر کين چيائين تہ ”اسين مريد ڪرڻ لاءِ نہ آيا آهيون؛ اوهان کي مريد ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو پير ايندو“. ڪجهہ وقت کان پوءِ پير پاڳارن جي وڏي بزرگ پير محمد راشد شاھہ ’روضي ڌڻي‘ اچي، اتان جي ماڻهن کي مريد ڪيو. مخدوم صاحب وٽ چئن ئي طرفن کان سڃ ڏسي، سندس عقيدتمند پريشان ٿيندا هئا تہ هو کين چوندو هو تہ ”غم نہ ڪريو، سکيل ايندو سک ٿيندو“. اها بشارت بہ پوري ٿي، جو سندس وفات کان پوءِ سندس ئي خاندان مان مخدوم محمد شاڪر عرف ’سُکيل سائين‘ اچي اها درگاھہ وسائي ۽ ناري واھہ جي اُٿل سبب تجل وارو پاسو آباد ٿي ويو.
مخدوم سلام ٿر ڌڻي تاريخ 25 ذوالحج 1183ھہ/ 1766ع تي وفات ڪئي. ڪجهہ عرصي بعد سندس عزيز ميت ڪڍرائي ميرانپور کڻائي ويا ۽ تدفين واري جڳھہ تي نشان طور ٿلهو ٺھرايو ويو. جڏهن مير سھراب خان، خيرپور جو والي ٿيو تہ هن ٿَلهي واري جاءِ تي روضو ۽ ڀرسان هڪ مسجد تعمير ڪرائي. فقيرن کي کوھہ کڻائي ڏنو. مجاورن کي چراغ بندي ۽ لنگر جي خرچ لاءِ نقدي رقم ۽ زمين ڏني. اهو روضو تجر نموني تي آهي، انڪري آهستي آهستي ”تجر“ لفظ مٽجي ”تجل“ بڻجي ويو. ان کان پوءِ مير سھراب خان، مخدوم صاحب جي خاندان مان مخدو محمد شاڪر ولد مخدوم محمد نعيم کي پنھنجي رياست ۾ وٺي آيو ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ کان اتر طرف ڇھن ميلن جي مفاصلي تي، کيس هڪ وڏو ڪوٽ ٺھرائي ڏنو ۽ جاگير پڻ ڏني. اهو ڪوٽ ’شاڪر شاھہ جو ڪوٽلو‘ سڏيو ويو ۽ اڄ تائين اتي هڪ ننڍڙو ڳوٺ ’ڪوٽلي‘ جي نالي سان آباد آهي. ٿوري وقت کان پوءِ مخدوم محمد شاڪر، تجل جي درگاھہ تي اچي رهيو. جتي، رات ڏينھن لنگر هلندو هو، سيد مير جان شاھہ روهڙيءَ واري جو فرزند سيد قلندر علي شاھہ، عرف ”موسيٰ جاڳو“ سندس خاص مريد هو. مخدوم محمد شاڪر 21 ربيع الاول 1213ھہ مطابق 1798ع ۾ وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس فرزند مخدوم سلطان علي، مسند تي ويٺو. هي بہ پنھنجي والد وانگر وڏو اهل دل درويش هو. مير سھراب خان توڙي مير رستم خان ٻَئي سندس معتقد هئا. هن 10 صفر 1252 هجري مطابق 1836ع ۾ وفات ڪئي. مخدوم سلطان علي شاھہ جي فرزندن مان، مبارڪ شاھہ ۽ قلندربخش شاھہ هڪٻئي پٺيان گاديءَ تي ويٺا.
مخدوم مبارڪ شاھہ پرهيزگار ۽ ’دسترخاني‘ جو ڪشادو درويش هو. مير علي مراد خان ڪنھن غلط فھميءَ سبب سندس جاگير کسي ورتي تہ هُن ڪجهہ بہ نہ ڪڇيو. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ مير علي مراد خان وٽس هلي آيو ۽ کيس جاگير واپس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هُن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سندس لنگر عام جام هلندو هو. گهڻو وقت جي عبادت ۽ خلق جي خدمت ۾ گذاريندو هو. کيس ولي محمد نالي هڪ فرزند ٿيو، جيڪو سندس زندگيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو. مخدوم مبارڪ شاھہ 12 ذوالقعد 1370 هجري مطابق 1854ع ۾ وفات ڪئي. مخدوم مبارڪ شاھہ جي وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ قلندر بخش صوفي گاديءَ تي ويٺو. مخدوم قلندربخش کان پوءِ سندس فرزند سلطان علي شاھہ ثاني جانشين ٿيو، جيڪو هڪ وڏو عالم، پرهيزگار ۽ قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. مير علي مراد خان سندس معتقد هو. هن 7 محرم 1324 هجري مطابق 1906ع ۾ وفات ڪئي. ان کان پوءِ مخدوم مبارڪ شاھہ ثاني گاديءَ تي ويٺو. هيءُ بہ هڪ پرهيزگار ۽ فيض وارو فقير هو. هن خاندان ۾ فقير علي قطب، فقير نبين جوڙيو ۽ فقير صدرالدين ٽيئي ڄڻا سٺا منتظم ۽ مھمان نواز فقير آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو