تان

تان (بيان (:سرن جو اهڙو مجموعو، جيڪو راڳ کي ڦهلائڻ ۾ مدد ڪري، ان کي تان چئبو آهي. ساري گا ما پا ڌا ني سا- تان آهي. مور ڇنا ۽ تان ۾ فرق آهي. ياد رکڻ گهرجي تہ مور ڇنا لاءِ آروهي ۽ امروهي جو هجڻ ضروري آهي ۽ سُرن جو سلسلي وار لڳڻ بہ ضروري آهي، پر تان لاءِ انهن ٻنهي ڳالهين جي بنھہ ضرورت نہ آهي. مورڇنا جو مصرف ٺاٺ ۽ راڳ کي پيدا ڪرڻ آهي، جڏهن تہ تان جو مصرف راڳ کي گهٽائڻ يا وڌائڻ آهي. تان ۾ آروهي ٿي سگهي ٿي، مثلاً سا ري گا ما پا ني سا يا امروهي ٿي سگهي ٿي جيئن ني ڌا پا ما گا ري سا- يعني آروهي امروهي ٿي سگهي ٿي، پر قطعاً مورڇنا وانگر ان جو هجڻ ضروري ناهي.تان جا ٻہ قسم آهن:(1) شڌتان: هن ۾ سر سلسليوار لڳندا آهن، جيئن ساري گا ما پا ڌا ني سا. (2) ڪوٽ تان: جنهن ۾ سُر سلسليوار نہ لڳندا آهن، جيئن ساري گاري ما پا گا ما- ڪوٽ تان جو نالو گرنٿن ۾ مير کنڊ ڄاڻايل آهي. ڪوٽ تان ڪڍڻ جا ڪجهہ قاعدا ڏجن ٿا.(1) ڪنهن خاص تعداد جي ڪوٽ تانن ڪڍڻ کي پرستار چئبو آهي.(2) هڪ سر جي ڪوٽ تان هڪ ئي ٿيندي. ٻن سرن جون ڪوٽ تانون ٻہ ٿينديون. ٽن سرن جون ڇھہ، چئن جون 24، پنجن جون 120، ڇھن جون 720 ستن سرن جون 5040 تانون ٿينديون قاعدو هي آهي :5040 = 7 x 6 x 5 x 4 x 3 x 2 x 1پهرين کان ستين تائين. قاعدو هڪڙو ئي آهي.(3) جيڪو تعداد سرن جو ڪوٽ تان ۾ ڏجي ٿو، انهن سُرن جو سلسليوار هجڻ ضروري آهي. (4) بهرحال اهو قاعدو آهي تہ کرج کان اڳ ۾ ڪو بہ سر ڪونهي. رکب کان اڳ ۾ کرج آهي ۽ گنڌار کان اڳ ۾ کرج وغيره، سو جنهن سر جي هيٺان جيڪو سُر آلاپيو وڃي، اهو ان کان اڳ ۾ هئڻ، ضروري آهي. جيئن رکب جي هيٺان کرج ڳائي سگهبو، پر کرج جي هيٺان ڪو بہ سُر ڪو نہ ڳائبو.(5) نئين تان، اڳينءَ مان پيدا ٿيندي وغيرہ.(6) هر نئين تان ۾ صرف هڪ سر بدلائڻ جي ضرورت آهي. ان کان پوءِ تان جا سر اُن نئين تان ۾ نقل ڪبا.(7) ڪوٽ تانن جو تعداد صرف ايترو ليکبو، جيترو سُرن کي پاڻ ۾ ضرب ڪرڻ سان نتيجو نڪري. مثال طور ڪيتريون تانون لڳنديون، انهن جي شمار کي ضرب ڪبي. 24= 4 x 3 x 2 x 1. چوويهن کان مٿي چئن سرن مان تانون پيدا نٿيون ڪري سگهجن.(8) انهن تانن جي پيدا ٿيڻ جو طريقو هي آهي، مثال چار تانون آهن؛ سا ري گا ما تہ انهن مان ڇھہ تانون اهڙيون هونديون، جيڪي مڌم تي ختم ٿينديون- ڇھہ تانون گنڌار تي ختم ٿينديون، ڇھہ تانون رکب تي ختم ٿينديون ۽ ڇھہ تانون کرج تي ختم ٿينديون، معنيٰ هر هڪ سر کي ڇھہ تانون حصي ۾ اينديون.اهڙين پنجن سُرن جي ڪل تانن کي 5 سان ونڊ ڪبو تہ هر هڪ سر جون تانون نڪرنديون، جيڪي ڪل 120 ÷ 5 = 24 تہ هر هڪ سر کي 24 تانون حصي ۾ اينديون.ارچڪ تانَ: يعني هڪ سُر واري تان: سا، پا، ڌا، ني، سا.راگهنگ تانَ: يعني ٻن سُرن واري تانَ: ساسا، ري ري، گا گا، ماما.سامڪ تان: هيءَ ٽِن سرن واري تان آهي: ساري گا، ري گاما، گا ما پا، ما پا ڌا، پا ڌاني، ڌا ني سا.سَرانڪ تان: هيءَ چئن سُرن واري تان آهي: سا ري گا ما، گا ما پا ڌا، پا ڌاني سا.انهن سڀني کان سواءِ وڏا گويا ”مَڪ تان“ بہ هڻندا آهن. انهيءَ جي خوبي اها آهي، جو زبان تي سُئي رکي ڇڏجي تہ اُها بہ پنھنجي جاءِ تان نہ چُرندي، ۽ تانَ بہ پئي لڳندي.


لفظ تانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو