
تاريخ ڪَي نظريات
تاريخ ڪَي نظريات (اردو ڪتاب ):ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو هي ڪتاب نگارشات لاهور ان وقت ڇپايو هو، جڏهن ڊاڪٽر مبارڪ شعبي تاريخ، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد هو. هن ڊيمي سائيز جي 205 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 30 رپيا آهن، هن ۾ ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ هن ڪتاب ۾ تاريخ جي علم سمجهڻ لاءِ 15 مفڪرن: ابن خلدون، ويچو، ڪانت، برڊر، هيگل، مارڪس، بڪ هارڊٿ، ويني لوسڪي، اسپنگلر، ڪولنگ وڊ، رينائر، اي. ايڇ. ڊانس، ڪروچي، ٽوائن بي ۽ ول ڊيورائٽ جي نظرين کي پيش ڪيو آهي.