
تاريخ ڪيا ڪهتي هي
تاريخ ڪيا ڪهتي هي (اردو ڪتاب ):ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو هي ڪتاب آگسٽ 1993ع ۾ تخليقات لاهور ڇپايو هو، ڊيمي سائيز جي 123 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 35 رپيا آهي. هن ڪتاب ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي عروج ۽ زوال، اردو زبان جي طبقاتي ڪردار، پاڪستان هڪ قومي ملڪ ڇو نہ ٿي سگهيو، تاريخ ۽ ماضي، ڪارل وٽ فوگل ۽ مشرقي ڊڪٽيٽرشپ، نوادياتي نظام جي سياست ۽ سست قومن جي تصور، احياءَ (جاڳرتا) جي تحريڪ، نوآبادياتي دور، هڪ تجزيو، 14 آگسٽ، يوم حساب، اقليتون ۽ تحريڪ پاڪستان سنڌي قومپرستي ۽ مهاجر سڃاڻپ، مذهبي رواداري جهڙن موضوعن تي لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ٻہ انٽرويو بہ شامل آهن، جيڪي کائنس تنوير قيصر ۽ سھيل وڙائچ ورتا هئا.