تاريخ چراغ هدايت المعروف به بهره ور شاهي

تاريخ چراغ هدايت المعروف به بهره ور شاهي

تاريخ چراغ هدايت المعروف بہ بهره ور شاهي

تاريخ چراغ هدايت المعروف بہ بهره ور شاهي (قلمي نسخو ):هي فارسي ٻوليءَ جي تصنيف ٺٽي جي عريضي سبزواري خاندان جي نامور شاعر ۽ تاريخدان مير ابوالبقا بهره ور علي الحسيني العريضي السبزواري جي آهي. مير ابوالبقا بهره ور جو ڏاڏو مير عبدالله سلطان ولد مير ابوالمڪارم بن غياث الدين محمد المعروف بہ سلطان رضائي العريضي السبزواري (هي بزرگ ’حبيب السير‘ جي مصنف غياث الدين خواند امير جو ڏهٽو هو). شاھجھان جي دور ۾ ٺٽي اچي آباد ٿيو. مير ابوالبقا ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ فن شاعري ۾ مير حيدرالدين ابو تراب ’ڪامل‘ کي پنهنجو استاد قبوليو، مير ابوالبقا جي تصنيفن ۾ هڪ فارسي زبان ۾ ’ديوان بهره ور‘ ۽ ٻيو ’تاريخ چراغ هدايت المعروف بہ بهره ور شاهي‘ ميسر ٿين ٿيون. مير ابوالبقابهره ور علي الحسيني عريضي سبزواري پنھنجي تصنيفتاريخ چراغ هدايت المعروف بہ بهره ور شاهي‘ کي سورهن بابن ۾ ورهايو آهي، جن جو تفصيل هن ريت آهي:باب پهريون: حضرت محمد مصطفيٰ صلي عليہ وسلم ۽ اولاد جو احوال؛ باب ٻيو: سيدة النساءِ بيبي فاطمة الزهره عليها الصلواة والثنا ۽ اولاد جو احوال؛ باب ٽيون: حضرت علي ابن ابي طالب عليہ السّلام ۽ اولاد جو احوال؛ باب چوٿون: حضرت امام حسن عليہ السّلام ۽ اولاد جو احوال؛باب پنجون: حضرت امام حسين عليہ السّلام۽ اولاد جو احوال؛باب ڇهون: حضرت امام زين العابدين عليہ السّلام۽ اولاد جو احوال؛باب ستون: حضرت امام محمد باقر عليہ السّلام ۽ اولاد جو احوال؛باب اٺون: حضرت امام جعفر صادق عليہ السّلام ۽ اولاد جو احوال؛باب نائون: حضرت موسيٰ ڪاظم عليہ السّلام ۽ اولاد جو احوال؛باب ڏهون: حضرت امام علي موسيٰ رضا عليہ السّلام۽ اولاد جو احوال؛باب يارهون: حضرت امام محمد تقي عليہ السّلام ۽ اولاد جو احوال؛باب ٻارهون: حضرت امام علي نقي عليہ السّلام ۽ اولاد جو احوال؛ باب تيرهون: حضرت امام حسن عسڪري عليہ السّلام ۽ اولاد جو احوال؛باب چوڏهون: حضرت امام مهدي عليہ الصلواة والسّلام جو احوال؛باب پندرهون: عريضي سبزواري ساداتن جو سنڌ ۽ هند ۾ آباد ٿيڻ جو احوال؛باب سورهون: احوال عبرت آميز حقيقي واقعات (هن باب ۾ صوفي شاھہ عنايت شھيد جي شهادت جو مڪمل واقعو پڻ بيان ڪيل آهي). مير ابوالبقا بهره ور علي پنھنجي تصنيفتاريخ چراغ هدايت المعروف بہ بهره ور شاهي“ ۾ عريضي سبزواري ساداتن بابت مڪمل ڄاڻ ڏني آهي ۽ عريضي سبزواري سادات سنڌ ۽ هند ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن آباد ٿيا، ان تي پڻ بحث ڪيو اٿس، ان سان گڏوگڏ عريضي سبزواري ساداتن جا شجرا پڻ پنھنجي تصنيف ۾ شامل ڪيا آهن. آخري سورهين باب ۾ ٻين واقعن سان گڏوگڏ مصنف جهوڪ واري حضرت شاھہ عنايت جي شهادت جو سربستو احوال پڻ قلمبند ڪيو آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ شاھہ عنايت شھيد جي شهادت جو پهريون ماخذ هي ڪتاب آهي، ان کانسواءِ سڄي تصنيف ۾ مناجات، نعت، قصيدا وغيرہ شامل آهن. مير ابوالبقا تصنيف جو سال هڪ قطعه تاريخ جي مدد سان تصنيف جي مقدمي ۾ 1130ھہ(1718ع) ڄاڻايو آهي. مير ابوالبقا شاھہ عنايت شھيد جي شهادت جو چشم ديد گواھہ آهي، ڇو تہ 15 صفر المظفر 1130ھہ (7 جنوري 1718ع) تي شاھہ شھيد جي شهادت جو واقعو ٿيو ۽ مير ابوالبقا انهيءَ سال هي تصنيف تيار ڪئي، پر افسوس جو هن تاريخي ڪتاب تي ڪنهن بہ تاريخدان جي نظر ئي نہ وئي آهي. مير ابوالبقا بهره ور جي هن تصنيف جو هي قلمي نسخو ’فريئر نامہ‘ جي مصنف مير ميان يار محمد خان ابن مير ڪرم علي خان ٽالپر، آخوند محمد صالح ولد آخوند گل محمد کان 4 جمادي الاول 1279ھہ (28 آڪٽوبر1862ع) ۾ نقل ڪرايو. ٻہ سئو پنجاھہ صفحن جي هن قلمي ڪتاب جي آخر ۾ ترقيمه واري عبادت (ڪاتب جو نوٽ) هي لکيل آهي: ”حسب الارشاد فيض رشاد ماھہ آسمان سلطنت و سروري سروسرو بوستان خلافت و برتري مھر سپهر عظمت قمر انوار حشمت بلند شوڪت عظيم الشان والاهمت عالي مڪان مير صاحب والا مواهب مير ميان يار محمد خان صاحب ادام اقباله واجلاله از دست حقير پر تقصير بري اعمال طالع آخوند محمد صالح ولد آخوند گل محمد مرحوم بروز سه شنبه وقت دوپاس روز مورخہ تاريخ چهارم شھر جمادي الاول 1279ھہ حسن انصرام و صورت سر انجام يافت“. هن وقت ان نسخي کانسواءِ سنڌ ۾ هن جا ٻيا گهڻا نسخا ڪٿي ڪٿي موجود آهن. تن بابت ڪجهہ چئي نہ ٿو سگهجي. اهو نسخو اڃا تائين قلمي صورت ۾ آهي ۽ ٽنڊي آغا جي ميرزائن مان ميرزا عباس علي بيگ جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. ”تاريخ چراغ هدايت“ جو هي مستند نسخو اصلوڪي صورت ۾ تفصيلي مقدمي سان نوجوان ليکڪ صفدر حسين ميرزا ’سيفي‘ ترتيب ڏئي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو