تاريخ مون کي بي ڏوهي قرار ڏيندي

تاريخ مون کي بي ڏوهي قرار ڏيندي

تاريخ مون کي بي ڏوهي قرار ڏيندي

تاريخ مون کي بي ڏوهي قرار ڏيندي (ڪتاب ):هي ڪتاب ڪيوبا جي انقلابي اڳواڻ فيڊل ڪاسترو جو لکيل آهي. جنهن کي سنڌيءَ ۾ انور پيرزادي ترجمو ڪيو آهي. ڪيوبا ۾ بئتستا جي حڪومت خلاف ملڪ ۾ تشدد وارو عوامي ردعمل ٿيڻ اڻٽر هو. سياسي اڳواڻن جو لالچــي ڪردار، حڪومت ۾ رشوت خوري، پوليس جو وحشياڻو تشدد، حڪومت جو عوام جي بنيادي ضرورتن جھڙوڪ تعليم، طبي امداد، رهائش، سماجي انصاف ۽ اقتصادي سهولتن ڏانهن بي ڌياني هر ٻئي ملڪ وانگي ڪيوبا ۾ بہ انقلاب کي کُلي دعوت ڏئي ڇڏي هئي. هي ڪتاب ڪيوبا جي جدوجھد بابت لکيل آهي. جنهن ۾ فيڊل ڪاسترو جا پنھنجي ڪيس کان ڪجهه مهينا پوءِ لکيل خط ۽ آڪٽوبر 1953ع واري تاريخي تقرير بہ شامل آهي. هي ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران سال 1985ع ۾ شايع ڪيو ويو، ڪچي جُلد سان، 155 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 18 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو