تاريخ لانگاھہ

تاريخ لانگاھہ (ڪتاب ):احمد خان لانگاھہ جو اردوءَ ۾ تصنيف ٿيل هي ڪتاب ”تاريخ لانگاھہ“، علمي پرنٽرس ڪراچيءَ مان 1989ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڊيمي سائيز جي 190 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 100 رپيا آهي. هن ڪتاب ۾ لانگاھہ قبيلي جي عروج ۽ زوال جي تفصيلي ذڪر سان گڏ هن قبيلي جي ٻن عظيم شخصيتن، سلطان حسين برهان الدين لانگاھہ ۽ شھيد شاھہ عنايت لانگاھہ تي تفصيلي روشني وڌل آهي. ليکڪ، ڳوٺ گوزي تعلقي خيرپورناٿن شاھہ ضلعي دادو جو ويٺل هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو