
تاريخ فيروزشاهي
تاريخ فيروزشاهي (ڪتاب ):ضياءُ الدين برنيءَ جي هيءَ فارسي تصنيف، سلاطين دهليءَ جي تاريخ آهي. هن تاريخ کي تاريخي ادب ۾ وڏو مقام حاصل آهي. هن تاريخ ۾ غياث الدين بلبن جي تخت نشينيءَ جي سال (664ھہ/1265ع) کان وٺي فيروزشاھہ جي حڪومت جي ڇهين سال (758ھہ/1356) تائين حالتون بيان ڪيل آهن. مؤلف هيءَ تاريخ 758ھہ/1356ع ۾، 74 سال جي عمر ۾ تاريخ فيروز شاهيءَ جي نالي سان لکي پوري ڪئي. قاضي منهاج الدين جي ’تاليف طبقات ناصريءَ‘ ۾ سلطنت جي قيام کان سلطان ناصر الدين بن شمس الدين التتمش جي عھد تائين جي تاريخ آهي. ان کان پوءِ جي جن اٺن بادشاهن جي حالات ۽ واقعن کي بيان ڪيو ويو آهي، تن ۾ سلطان غياث الدين بلبن، سلطان معزالدين ڪيقباد، سلطان جلال الدين فيروز خلجي، سلطان علاؤالدين خلجي، سلطان قطب الدين خلجي، سلطان غياث الدين تغلق، سلطان محمد بن تغلق شاھہ ۽ سلطان فيروز شاھہ تغلق شامل آهن، ان کانسواءِ شهزادن ۾ شھزادي شادي خانه، شھزادي فتح خان، قطب الدين اميرالامراء، فخر الدوله، خان جهان، تتار خان، جلال الدين ڪرماني، عمادالملڪ، افتخار الملڪ، ملڪ محمود شير خان، ظفر خان، ملڪ عين الملڪ، امير احمد اقبال جي ذڪر سان گڏوگڏ امير خسرو، امير حسن سنجري ۽ ٻين جو احوال پڻ ڏنل آهي. هيءُ ڪتاب 1860ع/ 1862ع ۾ ڪلڪتي ۾ ڇپيو، جيڪو تاريخ هندستان جي حوالي سان هڪ معتبر ماخذ سمجهيو ويندو آهي. ڪجهہ مغربي مؤرخن هن ڪتاب جي ڪافي حصن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو پنهنجن ڪتابن ۾ شامل ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ عموماً حڪمرانن جي مفصل حالاتِ زندگي ۽ سندن سياسي ۽ جنگي ڪارنامن تي زور ڏنو ويو آهي. ضياءُ الدين برنيءَ جي خاندان بابت نہ هئڻ برابر معلومات ملي ٿي، جيئن تہ هي پاڻ کي برني چوي ٿو، ان ڪري ٿي سگهي ٿو تہ هي برن شھر ۾ پيدا ٿيو هجي. ضياءُ الدين برنيءَ جا وڏا سڀ امير ۽ وزير هئا. هن جو پيءُ مؤيد الملڪ برن شھر ۾ متعين هو ۽ هن جي ماءُ ڪيٿل جي سادات گهراڻي مان هئي. پاڪستان ۾ هن ڪتاب جو اردو ترجمو ڊاڪٽر سيد معين الحق ڪيو آهي، جيڪو مرڪزي اردو بورڊ، لاهور، طرفان ڇپايو ويو، اردو سائنس بورڊ وارن طرفان هن ڪتاب چوٿون ڇاپو 2004ع ۾ ڇپايو ويو، جنهن جي قيمت 450 رپيا ڄاڻايل آهي.