تاريخ عباسيه (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ جو 1175ھہ/ 1761ع ۾ تصنيف ڪيل آهي. مير علي شير، جڏهن عباسي درٻار سان وابستہ هو، ان وقت هن هيءَ مثنوي شاهنامي جي طرز تي، ڪلهوڙن جي تاريخ بابت لکڻ شروع ڪئي. مير علي شير قانع، ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي حڪم تي ’تاريخ عباسيه‘ لکڻ شروع ڪئي، هن ڪتاب کي ٻن حصن، نظم ۽ نثر “۾ تاليف ڪيو، ليڪن ٻئي نامڪمل رهجي ويا. مثنويءَ ۾ تقريباً ويھہ هزار بيت موجود آهن.