تاريخ جي خوني ڳلين مان

تاريخ جي خوني ڳلين مان

تاريخ جي خوني ڳلين مان

تاريخ جي خوني ڳلين مان (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ايم.آر.ڊي تحريڪ دوران 29 سيپٽمبر 1983ع تي سڪرنڊ شھر ۾ پيش آيل واقعي بابت آهي، جنهن کي نوجوان اديب اصغر تنھا سهيڙيو آهي. ڪتاب جو مهاڳ نامور اديب ڄام ساقيءَ لکيو آهي. هي ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين حصي ۾ ايم.آر. ڊي جو پسمنظر، ايم.آر.ڊي جي گڏيل معاهدي جو متن، ايم.آر.ڊي جو ضلعي نوابشاھہ ۾ فعال هجڻ، واقعي دوران شھيد ٿيندڙن جي پروفائيلن کان سواءِ واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن، گرفتار ٿيندڙن سميت واقعي دوران تباھہ ڪيل ملڪيتن جو تفصيل، شھيدن جون عذرخواهيون ڪندڙ نامور شخصيتن جا تاثرات ڏنل آهن. ڪتاب ۾ شھيدن ۽ ٻين مختلف واقعن جون پڻ تصويرون ڏنل آهن. ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ غلام قادر چانڊيي، مولابخش چانڊيي، سرفراز راڄڙ، سيد امداد محمد شاھہ، ڊاڪٽر ايوب شيخ، عبدالحڪيم ارشد، خادم حسين چانڊيي، اسحاق مڱريي، مظهر لغاري ۽ ٻين سياستدانن ۽ اديبن جا رايا شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 137 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي ايسٽ لائين ڪميونيڪيشن حيدرآباد، 2012ع تي ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 180 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو