
تاريخ جون سورهيه شهزاديون
تاريخ جون سورهيه شهزاديون (ڪتاب ):هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ ترجمي نگار حسين بخش لغاريءَ جو مرتب ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ 17 نامور مغل شهزادين جو ذڪر آهي، جن ۾ (1) امة الحبيب (حميدہ بانو بيگم)، (2) عظمت النساءِ، (3) فخر النساءِ بيگم، (4) شاھہ بيگم پارسا، (5) سلطانہ رضيہ بيگم، (6) آغا بيگي، (7) حاجي بيگم، (8) حميدہ بانو بيگم، (9) سليم ســلطانه بيــگم، (10) نــور جــهان، (11) آرام دل، (12) بھار بانو بيگم، (13) ممتاز محل، (14) اعزاز النساءِ بيگم، (15) ثريا بانو بيگم، (16) جھان آرا بيگم ۽ (17) روشن آرا بيگم شامل آهن. جيڪي پنھنجي ذهانت ۽ حسن سبب مشھور هيون. هن ڪتاب جو مهاڳ نصير مرزا لکيو آهي. ڪتاب جي اڳين اندرين صفحن تي مرتب جون ڪجهہ رنگين تصويرون بہ ڏنل آهن. جلد پڪي، رنگين ٽائيٽل ۽ ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 170 صفحا آهن، هي ڪتاب گلشن پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2004ع ۾ شايع ٿيو ۽ قيمت 120 رپيا آهي.