تاريخ بھاولپور

تاريخ بھاولپور (ڪتاب ):هن ڪتاب جو مصنف مبازر الدوله پير ابراهيم قصوري آهي، جنهن 1794ع ۾ جنم ورتو هو. موصوف 1817ع ۾ رنجيت سنگهہ وٽ ملازم ٿيو. ترت ئي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دهليءَ ويو ۽ 1837ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ملازمت ۾ داخل ٿي، ايجنٽ طور بھاولپور ۾ آيو. سکن واري پهرينءَ لڙائيءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيائين، جنهن جي صلي ۾’خلعت‘ ۽ ’خانبهادر‘ جا لقب حاصل ڪيائين. 1848ع ۾، بھاولپور کان فوج وٺي مسٽر هربرٽ ايڊورڊ جي امداد لاءِ ملتان ويو، جنهن “A Year on the Punjab Frontier” نالي ڪتاب ۾ سندس وڏي واکاڻ ڪئي آهي. 1851ع ۾ لنڊن ويو، جتان 1852ع ۾ بيمار ٿي واپس وريو. بھاولپور پهچڻ تي کيس ”مبارزالدوله“ جو خطاب مليو. 1859ع ۾ سندس انتقال ٿيو.
هن هي ڪتاب ”تاريخ بھاولپور“ ڪئپٽن ڪننگهام جي فرمائش تي، مرتب ڪيو، جنهن جو ترجمو، شهامت علي 1848ع ڌاري، انگريزيءَ ۾ ڪري لنڊن مان شايع ڪرايو. سنڌ جي تاريخ تي ان ۾ چڱو مواد موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو