تاج محمد هاليپوٽو

تاج محمد هاليپوٽو

تاج محمد هاليپوٽو

تاج محمد هاليپوٽو: سنڌ جو مشھور سگهڙ ۽ سگهڙن جو سرواڻ، تاج محمد ولد محمد هاشم هاليپوٽو، 10 سيپٽمبر 1956ع تي پراڻي شادي پلي، تعلقي پٿوري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پراڻي شادي پليءَ مان حاصل ڪئي، جڏهن ته مئٽرڪ جو امتحان شاهه ولي الله هاءِ اسڪول، ميرپورخاص مان پاس ڪيو. سندس علمي ادبي تربيت سندس ناني حاجي علي محمد هاليپوٽي ڪئي، جيڪو پاڻ به هڪ اهل علم ۽ اهل ادب ماڻهو هو. سگهڙ تاج محمد کي گهڻو ڪري سنڌ جي سڀني سگهڙن جا هندي توڙي سنڌيءَ ۾ سگهڙائپ وارا ٻول برزبان ياد هئا. پاڻ سينگار توڙي لوڪ ادب جي ٻين صنفن جو سُٺو شاعر هو. محقق ۽ تاريخدان مرحوم معمور يوسفاڻي شاعريءَ ۾ سندس استاد رهيو. 29 مارچ 2008ع تي پراڻي شادي پليءَ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کيس، مرحوم عبدالرحمٰن مھيسر کانپوءِ سنڌ جي ’سگهڙن جي سرواڻ‘ طور پڳ ٻَڌائي. مختلف رسالن توڙي اخبارن ۾ سندس شاعري ۽ مضمون ڇپيل آهن. پاڻ سُٺو مقرر به هو. سندس ضخيم لائبرري ۾ قلمي نسخن ۽ سنڌي پھاڪن جي ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. وٽس وڏيون سگهڙ ڪچھريون پڻ ٿيون. سندس فني مڃتا طور کيس شاهه لطيف اوارڊ، سگهڙ محمد ملوڪ عباسي اوارڊ ۽ ٻيا تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ مليا. پھرين نومبر 2023ع تي اباڻي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.09.10  عيسوي

سنڌ جو مشھور سگهڙ ۽ سگهڙن جو سرواڻ، تاج محمد ولد محمد هاشم هاليپوٽو، 10 سيپٽمبر 1956ع تي پراڻي شادي پلي، تعلقي پٿوري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.


2023.11.01  عيسوي

تاج محمد ھاليپوٽي پھرين نومبر 2023ع تي اباڻي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي.



سُگھڙ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جهتيال محمد مٺل
عالم گوپانگ
فيضو کماڻ
عبدالرحمان مهيسر
برڪت علي خان جلالاڻي
رب ڏنو هنڱورو
ٽالپر شيخ
دينار مري حاجي
بابو پالاري
امداد علي بلوچ
سُگھڙ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون