تاج الدين انصاري: تاج الدين انصاريءَ1891ع ۾ جنم ورتو. هي معروف مصنف، صحافي، سياسي ۽ سماجي شخصيت هو. مجلس احرار جو صدر ۽ ڪشمير ۾ تحريڪ خلافت جو مجاهد هو. روزنامه” آزاد“ ۽ ”سياست“ لاهور جو ايڊيٽر بہ رهي چڪو هو. هن 1 مئي 1970ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان شامل آهن. (1) نقش اقبال (فارسي مان منظوم پنجابي ترجمو)، (2) سراپروهافلاڪ (اردو جاويدنامه 1977)، (3) شرح غزليات غالب (فارسي)، (4) دوگونه (منظوم اردو ترجمو غزل امير خسرو)، (5) جاه و جلال (اردو Power & Glory )، (6) صد شعر اقبال (شرح:1977ع). جڏهن تہ سندس ٻارن لاءِ ڇپيل ڪتابن ۾ ٽوٽ بٽوٽ. ٽال مٽول ۽ جهولني اچي وڃن ٿا، کيس نشان سپاس حڪومت ايران (1959ع)، ستارہ خدمت (1962ع) ۽ ستارہ امتيار (1967ع) اعزاز مليل آهن. سندس وفات 7 فيبروري (1978ع) تي لاهور ۾ ٿي.
1891.00.00 عيسوي
تاج الدين انصاريءَ1891ع ۾ جنم ورتو