تاجپور

تاجَپورُ: ضلعي حيدرآباد جو مشھور ڳوٺ، جيڪو ڪلهوڙن جي امير ”تاجي ليکيءَ“ جي جاگير هئي، ۽ ٽالپري عھد ۾ لغاري نوابن جو مرڪزي ڳوٺ بڻيو، پر اهو ان وقت سرڪار (ٽالپرن جي حڪومت) جي ملڪيت ۾ هو. موجودہ ڳوٺ ”تاجپور“ واري جاگير، پهريائين مير غلام علي خان ۽ مير مراد علي خان طرفان نواب ولي محمد خان لغاريءَ کي ملي. نواب ولي محمد خان نوڪريءَ کان ترت پوءِ حيدرآباد ۾ نوابن جي محلي (ٽنڊي ولي محمد) ۾ رهڻ لڳو. پر هڪ ڀيري ميرصاحب کي چيائين تہ هت منهنجي ذڪر ۽ فڪر ۾ حرج ٿئي ٿو، ان ڪري اجازت ملي تہ آءٌ شھر کان ٻاهر گوشي نشين ٿيان. کيس موجودہ تاجپور وٽ جاگير ملي. نواب ولي محمد خان ٽنڊي ڄام مان ٿيندو، اولياءَ شيخ سيد الياس عرف جيئي شاھہ جي درگاھہ تي آيو ۽ دعا گهري، اچي تاجپور ۾ هميشہ لاءِ مقيم ٿيو. تاجي ليکيءَ جو ”چؤديرو“، عدالتي ڪمرو ۽ کوھہ سندس اوطاق جي حدن ۾ شامل ٿيا. نواب ولي محمد خان 88 ورهين جي عمر ۾ سال 1250ھہ/ 1834ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو شيخ محمد الياس جي مقام ۾ آهي. سنڌ جي نامياري شاعر فقير نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي آخري آرامگاھہ بہ هتي آهي، جتي هرسال ميلو لڳندو آهي. هيءُ ڳوٺ حيدرآباد- ميرپورخاص ريلوي لائين جي وچ تي، ريلوي اسٽيشن پڻ آهي.


لفظ تاجپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو