تابِعينِ: تابعين انهن مسلمانن کي چئبو آهي، جن نبي سڳوري صلي ﷲ عليہ وسلم جي ڪنهن اصحابيءَ کي ڏٺو هجي. هي اصطلاح حديث جي علم ۾ خاص اهميت رکي ٿو ۽ انهن ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪي رسول ڪريم صلعم جي اصحابن کان پوءِ پيدا ٿيا. اصحابي اهي شخص آهن، جن نبي سڳوري صلعم جي زيارت ڪئي ۽ ساڻن روبرو ملاقات ڪئي. تابعين اهي شخص آهن، جيڪي نبي سڳوري صلي ﷲ عليہ وسلم کانپوءِ واري طبقي مان هئا يا سندن همعصر هئا، ليڪن ساڻن سندن ذاتي تعلق نہ هو، البت ڪنهن اصحابيءَ کي سڃاڻندا هئا. تابعين جي مختصر لفظن ۾ وصف هيءَ ٿيندي تہ ’اصحابين کان پوءِ ٻئي طبقي ۾ شامل اهي شخص، جن جون بيان ڪيل روايتون قابل قبول ٿي سگهن‘. واحد کي ’تابع‘ يا ’تابعي‘ چوندا آهن.