تابوت2

تابوت2

تابوت 2

تابوت-2: تابوت لفظ جو استعمال عزاداريءَ ۾ بہ ٿيندو آهي. تابوت، تعزيا، پينگها، سيجون ۽ ذوالجناح، عزاداريءَ جا اهم حصا آهن. محرم الحرام جي مهيني ۾ عزادار وڏي عقيدتمنديءَ سان اهي تبرڪات ماتمداريءَ لاءِ ڪڍندا آهن. تابوت جو رواج عزاداريءَ ۾ ڪيئن پيو، ان بابت”صحيفة العزا“ جي مصنف هڪ روايت قلمبند ڪئي آهي تہ: ”ٺٽي شھر ۾ هڪ مومن پنھنجي ماءُ سان رهندو هو، هي ٻئي ماءُ پٽ محرم الحرام جي مهيني ۾ عزاداريءَ جو وڏي پيماني تي اهتمام ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح اهو سلسلو هلندو رهيو، تان جو هڪ سال محرم الحرام جي مهيني ۾ ڪجهہ ظالم ڌاڙيلن هن مومن کي سندس ماءُ جي سامهون قتل ڪري سندس لاش کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو. اهو واقعو 6 محرم الحرام 228ھہ / 842ع جو آهي. ان مومن جي ماءُ پنھنجي پٽ جي لاش جا ٽڪر ٽڪر ڏسي روئڻ چاهيو ٿي تہ هڪدم سندس دل ۾ حضرت امام حسين عليہ السّلام جي شهادت ۽ سندس فرزندن حضرت علي اڪبر عليہ السّلام ۽ حضرت علي اصغر عليہ السّلام جي شهادت جو واقعو اکين آڏو اچي ويو. اها مومن عورت يڪدم پنھنجي پٽ جي لاش تان اٿي اهو چئي امام بارگاھہ ۾ هلي وئي تہ هي عزاداريءَ جا ڏينهن آهن ۽ آءٌ صرف ۽ صرف شهداءِ ڪربلا جي غم ۾ روئنديس. ان مومنياڻي پنھنجي پٽ جي غم کي وساري عزاداريءَ جو سلسلو جاري رکيو. 8 محرم تي صبح جو جڏهن اها مومنياڻي اٿي تہ سندس پٽ جيئرو جاڳندو سندس سامهون ويٺو هو. ماءُ پنھنجي پٽ کي جيئرو ڏسي هڪدم سمجهي وئي تہ اها حضرت امام حسين عليہ السلام جي ڪرم نوازي آهي ۽ اتي جو اتي ماءُ پنھنجي پٽ کي روئي چيو تہ ابا جهڙي طرح تنهنجو ٽڪر ٽڪر ٿيل لاش ڪو کڻڻ وارو نہ هو، اهڙي طرح پنھنجي مولا حسين عليہ السلام ۽ سندس ٻچن جي لاشن کي کڻڻ وارو بہ ڪو ڪونه هو، هاڻي وڃ، هن مٽيءَ جي تربت وانگر هڪ مٽيءَ جو تابوت (ڏولي) ٺهرائي اچ تہ جيئن اهو سينگاري امام بارگاھہ ۾ رکون، ڇو تہ ڪربلا جي ميدان ۾ يزيد ظالم جي حڪم تي حضرت امام حسين عليہ السلام ۽ شهداءِ ڪربلا جي سرن کي نيزن تي سوار ڪيو ويو هو، سندس ڌڙن تي گهوڙا ڊڪائي پائمال ڪيو ويو هو، هاڻي جلد تابوت تيار ڪرائي اچ. اهڙيءَ طرح تابوت جو رواج عام ٿيو. ان ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي تہ تابوت ڪڍڻ جو رواج سنڌ مان شروع ٿيو. سنڌ جي مومنن جي حضرت امام حسين عليہ السلام سان وڏي عقيدتمندي رهي آهي.
سنڌ ۾ تابوت جو ماتم بہ عام آهي، خيرپور، روهڙي، ٺٽي، نوابشاھہ، ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد سميت سڄيءَ سنڌ ۾ تعزيه، تابوت، علم، پينگها ۽ ذوالجناح وڏي عقيدتمنديءَ سان ڪڍيا ويندا آهن. حيدرآباد ۾ قدم گاھہ مولا علي، امام بارگاھہ علي آباد، امام بارگاھہ ابو تراب مان پڻ عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ تابوتن جو ماتم ٿيندو آهي ۽ ان کانسواءِ چاليهي (چهلم) تي لطيف آباد نمبر 9 سادات ڪالونيءَ مان پڻ 72 تابوت ماتمي جلوس سان ڪڍيا ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو