
تاؤمت
تاؤمت: چين جو هڪ مذهب، جنهن جو باني لائوزي آهي. لائوزي پنھنجي ڪتاب ”تائو ڪنگ“ ۾ لکيو آهي تہ خوشحال زندگي بسر ڪرڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي تہ تائو مت جي پيروي ڪئي وڃي. پر انهيءَ ڪتاب ۾ تائو بابت ڪابہ تشريح نہ ڪئي وئي آهي. ان لاءِ تائو بابت ماڻهو مختلف خيال آرايون ڪن ٿا ۽ ان جون کوڙ تشريحون ڪن ٿا. تائو جون جيڪي صفتون ٻڌايون ويون آهن، اهي هي آهن: هو ازل کان موجب آهي. (لائوزي جي چوڻ موجب) اهڙو ڪو بہ زمانو ڪونهي، جنهن ۾ تائو موجود نہ رهيو هجي. سندس نزديڪ تائو جو تصور خدا جي تصور کان اڳ موجود هو.هو هر جاءِ ۽ هر هنڌ موجود آهي، اهڙي ڪا جاءِ ڪانهي، جتي تائو موجود نہ هجي.(1) ڪائنات جي عظمت، شان ۽ شوڪت تائو سبب آهن، هو باريڪ کان باريڪ شين ۾ موجود آهي. (2) سندس وجود جي ڪري ئي چنڊ، سج، تارا پنھنجي محور تي هلن ٿا. هو ننڍن ننڍن جيون کي بہ زندگي عطا ڪري ٿو. (3) تائو کي نہ جسم آهي، نہ آواز آهي، نہ رنگ. هي سڀني جسمن جو خالق آهي. هن پاڻ ئي آواز بنايا آهن. (4) هو ئي سموري مخلوق کي روزي ڏئي ٿو. پر پاڻ غير متحرڪ آهي. (5) هو ڄاتل سڃاتل، ناقابلِ تقسيم ۽ هر هڪ تي مهربان آهي.هوائي مانن زو جيڪو هن فلسفي جو ماهر سمجهيو وڃي ٿو، ان تائور جي صفتن بابت لکيو آهي تہ ”تائو ئي آسمان کي سهارو ڏيندڙ ۽ زمين کي وڇائيندڙ آهي. جنهن جي نہ ڪا حد آهي، نہ انتها. سندس بلندي ماپي نٿي سگهجي، نہ ئي سندس گهرائيءَ جو اندازو آهي. سڄي ڪائنات سندس قبضي ۽ قدرت ۾ آهي. هو بي حد لطيف، باريڪ ۽ هر چيز ۾ موجود آهي؛ جهڙيءَ ريت ڌٻڻ ۾ پاڻي هوندو آهي، پهاڙن جي بلندي ۽ غارن جي پستي تائوءَ جي دم سان دائم ۽ قائم آهي. وغيرہ.لائوزي جا نظريا مبهم ۽ سمجهه ۾ نہ ايندڙ آهن. پاڻ ئي چوي ٿو تہ ان بابت معلومات حاصل ڪرڻ يا ان تائين پهچڻ تمام مشڪل آهي. لائوزي جو اصل نالو لي په يانگ هو. هو ڪنفيوشش جو همعصر هو. 604 ق.م ۾ هو رياست ”سو“ ۾ هڪ غريب چينيءَ جي گهر ۾ ڄائو. ننڍي هوندي ڱان شاهي ڪتب خاني جي محافظ طور ملازمت اختيار ڪيائين. ان ڪري کيس مطالعي جو بھترين موقعو نصيب ٿيو. جڏهن پنھنجي مذهب جو پرچار شروع ڪيائين تہ ماڻهو کيس لائوزي سڏڻ لڳا، جنهن جي معنيٰ آهي ”پوڙهو فلسفي“. هن 25 صفحن جو ڪتاب لکيو. سياسي حالتن سبب ملازمت ڇڏي 90 سالن جي عمر ۾ ملڪ ڇڏي ويو، پوءِ جو پتو ڪونه پيو تہ ڪٿي ۽ ڪڏهن جھان ڇڏيائين. سندس لکيل ڪتاب ”تائو تہ ڪنگ“ تمام مختصر آهي، جنهن کي سمجهڻ ڏکيو آهي، ان لاءِ سندس فلسفي جو پرچار بہ اهڙو گهڻو ڪونه ٿيو. پر سندس فلسفي جو اثر ان وقت جي سماج تي خاصو پيو ۽ پاڻ ان دور ۾ ماڻهن لاءِ بحث جو موضوع بنيو.