تؤنگ بٺي: ھي ماڳ 25026\' اتر ويڪرائي ڦاڪ 67034\' اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، موجودہ تونگ لڳ دمبار قطار ويجهو موجود آهي. ڀرسان رتي ناٿ/ رتي شاھہ پير جو مقبرو آهي. چشمي جي منھن وٽ پٿر جي پيڙھہ وارين ڀتين جي رھت کان سواءِ آمري توڙي ھڙاپا سان ڀيٽڻ جهڙو ٺڪراٺو ملي ٿو. هتي قلعي جا آثار بہ نظر اچن ٿا.
تؤنگ بٺي مخروطي شڪل جي صورت ۾ اٽڪل 25 ميٽر اوچو دڙو آھي. ھتي کوٽائيءَ دوران قلعي جا آثار بہ مليا آھن. مشھور آرڪيالاجسٽ مجمدار کي کوٽائيءَ مان آمري دور، سنڌو دور ۽ جهانگارا ثقافت دور جا ٿانوَ مليا هئا. هتان آمريءَ وارو ٻہ رنگو ٺڪر، سنڌو جو ڳاڙھي تي ڪارو ٺڪر چٽسالي سان ۽ جهانگارا جا ڪارا پالش ٿيل ٽنگر ٿانو مليا هئا. ان کان سواءِ چقمقي پهڻن وارا اوزار بہ ھٿ آيا آهن.
ھن ٽڪري تان ڪجهہ عرصو ٿيندو تہ مقامي ماڻھن کي ٺڪر جي ٿانون ۾ رکيل ھڏا پوريل حالت ۾ مليا ھئا. تونگ جي اوڀر پاسي چوکنڊيءَ جهڙي گهاڙيٽن ۾ ٻہ قبرستان آھن، جن تي پڻ ٺڪراٺو موجود آھي .