بَهمَڻ3: هڪ قسم جو پسارڪو وکر، هيءُ لاهوري گجر جي شڪل جهڙي پاڙ آهي، جنهن جا ٻہ قسم آهن: هڪ اڇو بھمڻ ۽ ٻيو ڳاڙهو بھمڻ. حڪيمن چواڻي دل ۽ دماغ لاءِ مقوي آهي. بدن کي ٿلهو ڪري ٿو.