بھشت نامو
بھشت نامو (ڪتاب): هن نالي سان ميان غلام عليءَ جو سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي، جنهن جي قيمت سوا ڇھہ آنا ڄاڻايل آهي. ليکڪ، هيءُ ڪتاب اسلاميہ پريس، لاهور مان سال 1892ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، جنهن جي قيمت ڇھہ آنا ڄاڻايل آهي، سال 1894ع ۾ ڇپيو.