بھزاد لکنوي

بھزاد لکنوي: اردو زبان جو هڪ وڏو شاعر ۽ اديب هو، جيڪو 1910ع ڌاري لکنوءَ ۾ پيدا ٿيو. خانداني نالو سردار حسين خان هوس. ڪلڪتي مان تعليم حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ريلوي ۾ ملازمت ڪيائين. 8 سالن جي عمر کان شعر چوڻ شروع ڪيائين. 1930ع ۾ هيءُ خانقاه نيازيه بريليءَ جي سجادہ نشين حضرت عزيز ميان جي ارادتمندن ۾ شامل ٿيو. هن جو مجموعو ”نغمه نور“ جي نالي سان 1936ع ۾ شايع ٿيو. بمبئيءَ ۾ ٺھڻ وارين فلمن لاءِ گانا بہ لکندو رهندو هو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ 1952ع کان 1963ع تائين ريڊيو پاڪستان سان منسلڪ ٿيو. ٻہ دفعا حج ڪيائين. 10 آڪٽوبر 1974ع تي ڪراچيءَ ۾ گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.00.00  عيسوي

بهزاد لکنوي: اردو زبان جو هڪ وڏو شاعر ۽ اديب هو ، جيڪو 1910ع ڌاري لکنوءَ ۾ پيدا ٿيو .


1974.10.10  عيسوي

بهزاد لکنوي: اردو زبان جو هڪ وڏو شاعر : 10 آڪٽوبر 1974ع تي ڪراچيءَ ۾ گذاري ويو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حامد ﷲ ’حامد‘ تنيو
راشدي سيد ڪليم ﷲ شاھہ
بھرام فقير جتوئي
اسماعيل اداسي
صوفي محمد بخش ڦرڙو
زيب عاقلي
سلطان بخاري
ضياء خياروي
شبنم گل
ڀڳوان ٽلواڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون