بھاري لعل ڇاٻِڙيا: بھاري لال هريرام ڇاٻڙيا، سنڌي ادب جو وڏو نالو آهي، جنهن شڪارپور شھر ۾ جنم ورتو. تعليم مشھور استاد، اديب ۽ شاعر کيئلداس ’فاني‘ جي رهبريءَ ۾ ’نيو ليويا اسڪول‘ مان ورتائين، جنهن جو شيخ اياز بہ شاگرد هو. جنوري 1938ع کان ’سدرشن‘ نالي هڪ ٻاراڻو رسالو جاري ڪيائين، اڳتي هلي 1946ع ۾ شڪارپور ۾ ’زندگي پبليڪيشن‘ نالي هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪيائين، جنهن پاران ڪجهہ ناول ۽ ڪهاڻين جا مجموعا ترجمو ڪري شايع ڪرايائين. 47-1946ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اوائلي قيام وقت شيخ اياز سان گڏ سنگت جو پهريون جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو هو، جڏهن تہ گوبند مالهي سيڪريٽري جنرل هو .بھاري لال ۽ شيخ اياز، شڪارپور ۾ سنگت جي شاخ قائم ڪرڻ لاءِ بہ ڪوشش ڪئي. ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ بعد زندگي پبليڪيشن کي وڌيڪ فعال بنائڻ لاءِ ’زندگي‘ رسالو بہ جاري ڪيائين. هن رسالي ذريعي ترقي پسند نظريي هيٺ سنڌي ادب کي نوان موڙ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين. ’زندگي پبليڪشن‘ کان سواءِ هن ڪراچيءَ ۾ ’قومي ساهتيہ پبليڪشن‘ جو بہ بنياد وڌو.1947ع ۾ ورهاڱي کان پوءِ پنھنجي پوري ڪٽنب سان هندستان لڏي ويو، جتي بہ هن سنڌي ٻولي ۽ ادب سان ناتو نہ ڇنو ۽ گرم جوشيءَ سان اشـاعـتي ڪم کي جاري رکيو. هن اتي ’سـنگـم سـاهـت مـالا‘ نالي سان اشـاعـتي اداري جو بنياد رکي، ناولن ۽ ڪهاڻين جا ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايا، جن مان اڪثر ترجما هئا، جيڪي بنگالي ۽ مرهٽي ادب مان ڪيا ويا هئا. بھاري لال ڇـاٻـڙيا بمبئيءَ ۾ ’راڻي پبليڪشن‘ ۽ ’سنڌ بوڪ ڪمپني‘ جو بنياد وڌو. هن جي ترجمو ٿيل ڪتابن ۾: ’در ماھہ‘ (ناول )، ’همراهي‘ (ناول)،’نـاري‘ (نـاول)، ’جنگ ۽ صلح‘ (ٽالسٽاءِ جي ناول‘ War & Peace ’جو ترجمو)، ’شري‘ (احمد عباس جو ناول)، ’سست قدم‘ (شاعري)، تارا شنڪر بئنرجي، ’چرتر هيڻ‘ (شرت چندر جو ناول)، ’شريڪانت‘ (شرت چندر جو ناول)، ’ستا‘ (شرت چندر)، ’ويرداس (شرت چندر جو ناول) ۽ ٻہ ڀينر‘ وغيرہ شامل آهن. 1986ع ۾ بھاري لال ڇاٻڙيا، سٻود چندرسين گپت جو ڪتاب ’شرت چندر شخص ۽ ڪلاڪار‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو، جيڪو ساهتيہ اڪيڊمي ،نيو دهليءَ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.