بهادر ٽالپر

بهادر ٽالپر

بھادر ٽالپر

بھادر ٽالپر: شاعر ۽ اديب مير بھادر ٽالپر، 2 جولاءِ 1966ع تي ڳوٺ ڇتو ماندراڻي، تعلقي ماتلي، ضلعي بدين ۾ ڄائو. سندس والد مبارڪ خان ٽالپر بہ وقت جو سٺو شاعر هو. مير بھادر ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ورتي، ڊگهڙي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ، انٽر ۽ ايم. اي ماتليءَ جي ڊگري ڪاليج مان پاس ڪيائين. هن اسڪائوٽنگ ۽ ٽائپنگ جو ڪورس بہ ڪيو. هن 1994ع کان لکڻ جو آغاز ڪيو ۽ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ لکندو رهيو آهي. هن ڳوٺ ۾سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي، جنهن جو ڪيترا ڀيرا سيڪريٽري بہ رهي چڪو آهي. 2010ع وارين چونڊن ۾ هيءُ سنڌي ادبي سنگت ضلعي بدين جو رابطا سيڪريٽري بہ چونڊيو ويو. پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. هن ڳوٺ ۾ نوجوانن لاءِ ’مير مبارڪ ٽالپر آرٽ ۽ ڪلچرل ڪلب‘ قائم ڪيو آهي. ادبي سنگت جي شاخ طرفان هن سلسليوار ’ڪائنات‘ پبليڪيشن جا 13 پرچا شايع ڪرايا. سندس ڪهاڻين جا مجموعا ’زندگيءَ جو رستو‘ (2008ع) ۽ ’سوچن جي سانوڻيءَ ۾‘ (2015ع) شايع ٿيل آهن. ان کانسواءِ پنھنجي والد مير مبارڪ ٽالپر جو شعري مجموعو ’سرواڻ سويري ويا‘ ترتيب ڏنو اٿس.


لفظ بھادر ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.07.02  عيسوي

شاعر ۽ اديب مير بهادر ٽالپر، 2 جولاءِ 1966ع تي ڳوٺ ڇتو ماندراڻي، ضلعي بدين ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صالح کهڙو
رفيق احمد مڱريو ڊاڪٽر
غلام شبير پيراهين
تولا رام ٻالاڻي
انيس گل عباسي
گرڌاري لال ڏوڏيجا
الياس سيتا پوري
چاولا ارجن
عيسيٰ ميمڻ
چرن داس گُر سھاڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون