بگل (ڦوڪ جو ساز ):هي پتل يا ٽامي جو ٿئي، هن مان ڪا ڌُن وغيرہ ڪانہ نڪرندي آهي. صرف يڪو هڪ سرو آواز جنهن ۾ زيرو بم ٿئي. هن کي هڪ پاسي ڀرڪي واري ڦوڪ ڏبي آهي تہ ٻئي پاسي توتاري مان نفيل يا سنک جهڙو آواز نڪرندو آهي. گهڻو ڪري هي ساز فوج ۾ اعلان طور ڪم اچي. هي ڊيگهہ ۾ سوا فٽ ۽ ويڪر ۾ اڌ فوٽ ٿيندو آهي. وات واري جاءِ کان چوڪنڊو وڪڙ کائي ٿورو ڦوڪ واري جاءِ جي مخالف سمت ۾ بيهندو آهي. هن کي ڀونگي، پونڱي، ٿرم، ڌو، تو ۽ ڪرنا جي نالن سان سڏيو وڃي ٿو. ٻاهرين ملڪن ۾ ڪن هنڌن تي هن کي لومڙ جي شڪار دوران ساسين کي ٽاھہ ڏئي رٿيل پاسي ڊوڙائڻ لاءِ بہ ڪم آڻيندا آهن .