بڪاولي

بڪاولي: مرزا قليچ بيگ جو لکيل ناٽڪ. مرزا صاحب هيءُ ناٽڪ 1894ع ۾ لکيو. بڪاولي سنڌي ناٽڪ ۾ ٻيو نمبر ناٽڪ آهي. پهريون ناٽڪ حاجي امام بخش خادم جو لکيل ”هير رانجهو“ آهي. ڪن محققن جو خيال آهي تہ پهريون ناٽڪ بہ مرزا قليچ بيگ جو ’ليليٰ مجنون‘ هو. بڪاولي ناٽڪ ۾ سنڌ جي هڪ مشھور قصي گل بڪاوليءَ کي ناٽڪي لباس پارايو ويو آهي. هيءُ ناٽڪ نثر واري گفتگوءَ ۾ آهي. بڪاولي ”گل بڪاوليءَ“ قصي ۾ هڪ پريءَ جو نالو آهي، جنهن سان تاج الملوڪ نالي شھزادي شادي ڪئي هئي .


لفظ بڪاوليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو