بڪار (ديھہ)

بَڪارَ: ساڳئي نالي سان تعلقي سانگهڙ ۾ هڪ ديھہ جو نالو، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ’شاھہ مردان شاھہ‘، ’ڦليل‘، ’بھرام خان بگٽي‘، ’خانڻ بگٽي‘، ’راهو‘، ’گرواسي‘ ۽ ’ٻڌريو‘. ڀٽائيءَ جي مشھور بيت ”سائينم سدائين...“ ۾ بہ بڪار ڪم آندل آهي .
”ڪنين ڀُڄ ڀڄائيو، ڪنين بيڪانير، بڪار“ .


هن صفحي کي شيئر ڪريو