بَڪارَ: روهڙي سب ڊويزن جو اڳيون نالو. تعلقي روهڙيءَ ۾ هڪ ڳوٺ ۽ ديھہ جو نالو. تحفة الڪرام موجب بکر تعلقي جي هڪ ديھہ آهي، جنهن ۾ روهڙيءَ جي سيدن جا ڀائر رهندا هئا. هيءَ جوءِ، بکر جي علائقي سان لاڳو هئي، سيدن جو وڏو شاھہ مردان شاھہ هو، جيڪو وڏو زميندار هو، بڪار جي جاگير کيس مليل هئي. سندس اولاد مان مير علي شير ۽ سندس ڀائٽيو سيد لطف علي شاھہ ٿيا، جيڪي پاڻ ۾ مخالف هئا، ۽ هميشہ پيا پاڻ ۾ وڙهندا هئا. اِن تي سنڌيءَ ۾ چوڻيءَ طور ٻن وڙهندر ڀائرن کي چون: ”ڪهڙي ڪا بَڪار جي جاگير اٿوَ جو پيا وڙهو“ .