بڙ وارو ڍورو

بڙ وارو ڍورو

بڙ وارو ڍورو2

بڙ وارو ڍورو (ماڳ): هيءُ قديم ماڳ، ڪڍڻ شھر کان 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي مٺيءَ ڏانھن ويندڙ هاءِ وي روڊ جي ڀرسان ديھه سينگاري، تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ واقع آهي. هن تاريخي ماڳ کي سنڌ جي عظيم صوفي شاعر ۽ بزرگ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي تڪيي واري حيثيت حاصل آهي. هن ماڳ تي پراڻ درياھہ جي وهڪري جا سامونڊي پٽي ۾ داخل ٿيڻ جا بيشمار اهڃاڻ موجود آهن. روايت آهي تہ ان زماني ۾ هتي بڙ جا وڻ جام هوندا هئا. شاھہ سائين ساڱري طرف ايندي ويندي ڪيترائي ڀيرا انهن مان هڪ وڏي وڻ جي هيٺيان ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ويٺو. ڳوٺاڻن سان رهاڻيون ڪيون، جن جي اڪثريت جت قبيلي مان هئي. شاھہ سائين سان هتي عبدالعظيم شاھہ عرف وڏل شاھہ ۽ رمضان جت ڪچھريون ڪيون. شاھہ سائين جي وفات بعد وڏل شاھہ انهي بڙ هيٺ ويھي شاھہ جو گنج ترتيب ڏنو. رمضان جت مختلف علائقن مان ڪيترائي شاھہ جا عقيدتمند وٺي آيو، جن کي شاھہ جو ڪلام ياد هو. انهن وڏل شاھہ جي، گنج ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. رمضان جت نڙ بيت جو وينجهار هو ۽ خوشحال جت ساڻس دنبورو وڄائيندو هو. اهو ڳوٺ اڳتي هلي رمضان جت جي نالي سان سڏجڻ لڳو. روايت آهي تہ هڪ دفعي شاھہ سائين اڪيلو بڙ تي آيو. ان وقت هڪ عورت گنگا جتڻ کوھہ تي پاڻي ڀري رهي هئي، جيڪا کيس دعوت ڏيئي گهر وٺي وئي ۽ اُست (ڏاچي جو کير) پياريائين. شاھہ سائين کي اُست ايڏو وڻيو جو چيائين: ’کوءِ پلنگ، ٻن ماڙِيون، پکا سَندن ٻَنِ، اُستُ جو اُٺينِ جو، مُون کي رَهيو مَنِ، جيءَ ۾ جَت رَهَنِ، ٻي پِرِ ٿِڻي پاسي ٿي. وڏل شاھہ، خوشحال فقير ۽ گنگا جتڻ جون قبرون بہ هن ماڳ تي آهن. وقت گذرڻ سان اهي بڙ جا وڻ ختم ٿي ويا. هن ماڳ جي شناخت 1990ع ڌاري ٿي، جڏهن ثقافت کاتي جي تڏهوڪي سيڪريٽري حميد آخوند هتي محفوظ ڪيل شاھہ جو گنج حاصل ڪري ڇپايو. هن ماڳ تي هڪ قديم کوھہ پڻ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو