بڊوکو: آبي گاھہ جو هڪ قسم، جيڪو پاڻيءَ اندر ڦٽندو آهي ۽ ڀَلَ تي ٻاهر بہ نڪري ايندو آهي. ٻين گاهن سان گڏي چوپائي مال کي کارائبو آهي. هن گاھہ کي مڇي کائيندي آهي. ”بڊوکي“ گاھہ جي ڏانڊين ۾ ڄمونءَ جھڙا پن ٿيندا آهن، جيڪي ڳاڙهسري رنگ جا ٿين ٿا. هي ڪن گاهن جيان ٻيڙي هلائڻ وقت ونجهن ۾ ڦاسي پوندو آهي. درياءُ جو پاڻي گاھہ جي مٿان لٽ ڇڏيندو آهي تہ پوءِ گاهن جا پن لڙاٽجي ويندا آهن ۽ مڇيون انهن کي چمنديون آهن. پاڻيءَ جا گاھہ پاڻيءَ اندر سُڪندا نہ آهن، پر هميشہ ساوا رهندا آهن .