بچل شاھہ جيلاني

بچل شاھہ جيلاني: گمبٽ ويجهو سچل ڊٻ مھر شاھہ جو گادي نشين ۽ پ.پ ايم. پي. اي، 17 ڊسمبر 1952ع تي سيد صالح محمد شاھہ جيلانيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. بچل شاھہ جيلاني، وڪالت ۾ سيد غوث علي شاھہ جو جونيئر بہ رهيو ۽ اُن جي نگران وزارت اعليٰ دؤران سندس روينيو بابت صلاحڪار پڻ هو. علم ادب سان چاھہ سبب هڪ ناول ”ٿر اندر جا ٿاڪ“ لکيائين، جنهن جو مهاڳ سنڌ جي نامور اسڪالر الھداد ٻوهيي جو لکيل آهي. جيلاني صاحب 10 سالن تائين ڊسٽرڪٽ بار خيرپور جو صدر پڻ رهيو ۽ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو ميمبر هئڻ سان گڏ هُو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کان پوءِ سچل چيئر جو چئن سالن تائين صلاحڪار بہ رهيو. ان کان علاوہ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ٻہ ڀيرا ميمبر ۽ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميشن خيرپور جو چيئرمين پڻ رهيو. بچل شاھہ جيلاني هن وقت سنڌ اسيمبليءَ جو چونڊيل نمائندو آهي ۽ ۽ ”لا ائنڊ هيومن رائيٽس ڪميشن“ جو چيئرمين آهي.


لفظ بچل شاھہ جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.12.17  عيسوي

بچل شاهه جيلاني: گمبٽ ويجهو سچل ڊٻ مهر شاهه جو گادي نشين ۽ پ . پ ايم . پي . اي ، 17 ڊسمبر 1952ع تي سيد صالح محمد شاهه جيلانيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صادق ميمڻ
سيد گوهر علي شاھہ صوفي
قيصر نقوي
حامد ﷲ ٻيلوي مولانا
شيخ توهدن دمياري
سر وليم فرمليئن
حمورابي
پيارو منگي
بندہ بيراگي
سر رابرٽ فرانسِس مُودي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون