بيعت: هي مذهبي اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي تہ ڪنهن پيغمبر، وليءَ، بزرگ يا خليفي جي هٿ تي تائب ٿيڻ جو قسم کڻڻ ۽ اهو اقرار ڪرڻ تہ هو ان هستيءَ جو هر حڪم مڃيندو. بيعت کي تصوف ۾ وري رابطي جو طريقو ڪوٺيو ويندو آهي. جيڪو پشت بہ پشت هلندو رهندو آهي. انهيءَ پٺيان روحاني طاقت جو هٿ هوندو آهي. جڏهن تہ خلافت جي دؤر ۾ هر مسلمان تي فرض هو تہ هُو خليفي جي بيعت ڪري، پر جڏهن خلافت کان پوءِ امير اقتدار ۾ آيا تہ ماڻهن انهن جي بيعت ڪرڻ بجاءِ بزرگن ڏانهن لاڙو رکيو. اڄڪلھہ بيعت تصوف جي چئني سلسلن ۾ ورتي ويندي آهي.