بِيرُ: زمين جي سطحي تھہ مان جيڪي ڌاتو لڀن ٿا، تن ۾ لوھہ چوٿين نمبر تي هوندو آهي. سڀ گهڻو ڪري ڪچيءَ حالت ۾ ملندا آهن. ڌاتن مان لوھہ کي حرارتي عمل سان گئس ۽ ٻين ڌاتن کان جدا ڪيو ويندو آهي. خاص ڪري ميگنائيٽ بہ انهيءَ طرح تحليل ڪيو ويندو آهي. لوھہ مان فولاد (رڪ) حاصل ڪرڻ لاءِ لوھہ کي وري بٺيءَ ۾ وجهندا آهن، تہ ان مان ڪاربان، سليڪان، مئگنيز، فاسفورس ۽ گندرف خارج ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن ائين نہ ڪيو ويو تہ پوءِ صاف ٿيل لوھہ کي بير جي صورت ۾ آندو ويندو آهي. جيئن تہ بِير ٽاڪئون ڌاتو ٿيندو آهي، تنهنڪري ڳري ڪم ۾ استعمال نہ ٿيندو آهي. هلڪين مشينن، ڀڳل پرزن جي ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو آهي. پاڻيءَ جا عام پائيپ بہ بير مان ٺهيل هوندا آهن.