بيت المقدس

بيت المقدس

بيت المقدس

بيت المقدس: هيءُ شھر اسرائيل ۽ اردن جي سرحد تي تل ابيب جي ڏکڻ اڀرندي ۾، يهوديه جي پهاڙي ۽ پٿريلي لاھہ تي واقع آهي. 1950ع ۾ هن جديد شھر کي اسرائيل جي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو ويو. قديم شھر اردن جي علائقي ۾ شامل رهيو. بيت المقدس يهودين ۽ عيسائين جو مقدس شھر ۽ مسلمانن جو قبلہ اول ۽ اهم زيارتگاھہ آهي. يهودين ۽ مسيحين جي مذهبي ڪتاب ۾ ان کي ”صيهون“ چيو ويو آهي. هيءُ شھر خدا جي نشاني آهي. ٽنهي مذهبن جا سڀ مقدس قديم ماڳ، هن شھر ۾ آهن. مسلمان حرم شريف جي زيارت ڪن ٿا، جيڪو احاطو آهي. انهيءَ ۾ قبة الصخرا ۽ مسجد اقصيٰ واقع آهن. چيو وڃي ٿو تہ حرم شريف جي مشرقي ديوار جو هيٺيون حصو ”هيڪل سليمانيءَ“ جو آهي. اتي ئي ديوار گريہ آهي، جيڪا يهودين جي لاءِ مقدس آهي. اُهي انهيءَ ديوار وٽ اچي، هيڪل کي ياد ڪري روئندا آهن. مسيحين جي خيال ۾ ڪنيسة القيام مقدس آهي، جيڪا روايت جي مطابق ”کوپري“ نالي پهاڙي واقع آهي. اها ئي پهاڙي هئي، جنهن تي مسيحي عقيدي موجب، حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي صليب تي چاڙهيو ويو هو.
قديم شھر کي چوديواري آهي، جيڪا سلطان سليمان اول (1542ع ۾) اڏائي هئي. ان جي مشرق ۾ قدروان واديءَ آهي، جنهن جي پار گشمنيءَ جو باغ، ڪوھہ زيتون آهي. جديد شھر (مغرب) سياسي ۽ اقتصادي مرڪز آهي. ان ۾ سرڪاري جايون، اسڪول، فلسطين جي آثار قديمہ جو عجائب گهر، خانقاھہ ۽ يهودين جون عبادتگاهون آهن. بيت المقدس ۾ ”عهدنامه قديم ۽ جديد“، ٻنهي ۾ بيان ڪيل ماڳن ۽ واقعن جا آثار وڏي تعداد ۾ موجود آهن. هيءُ شھر گهٽ ۾ گهٽ 15 صديون قبل مسيح کان آباد آهي. ممڪن آهي تہ اهو بيت المقدس (يروشلم) هجي. حضرت دائود عه ان کي يبوسين کان وٺي پنهنجو دارالحڪومت بنايو. حضرت سليمان معبد تعمير ڪرائي، ان کي شان شوڪت بخشيو هو. هتي يهودا جي بادشاهن زوال پذير طاقت قائم رکڻ لاءِ لاحاصل ڪوششون ڪيون. عظيم عبراني پيغمبرن جي وڏي تعداد هن شھر جي گهٽين ۾ وعظ ڪيا. 586 ق. م ۾ بابُلَ هن تي قبضو ڪيو. عزارا ۽ نحمياه، جلاوطنيءَ کان پوءِ، هن کي ٻيهر تعمير ڪرايو. هيءُ مڪابين ۽ خاندان هيروديس جو مرڪز رهيو. قديم رومي بادشاھہ بيت المقدس جا دشمن هئا. مسلمانن جو عقيدو آهي تہ نبي سڳورو حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم بيت المقدس ۾ تشريف فرما ٿيو هو. 637ع ۾ هيءُ شھر مسلمانن جي ملڪيت ۾ شامل ٿيو. 1099ع ۾ ٻيهر مسيحي بيت المقدس تي قابض ٿي ويا. 1187ع ۾ سلطان صلاح الدين ايوبيءَ جي قيادت ۾ مسلمانن وري هن شھر کي فتح ڪيو. اهڙيءَ طرح پهرين عالمي جنگ تائين مسلمانن جي قبضي ۾ رهيو. عالمي جنگ دوران فلسطين انگريزن جي قبضي ۾ رهيو. جون 1967ع ۾ عربن (متحدہ عرب جمهوريه، اردن ۽ شام) ۽ اسرائيلين جي وچ ۾ جيڪا جنگ لڳي، تنهن ۾ اسرائيلين بيت المقدس جي عربي علائقن تي قبضو ڪري ورتو. اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبليءَ فيصلو ڪيو تہ اهو علائقو واپس ڪيو وڃي، ليڪن اسرائيلين ان تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.


لفظ بيت المقدسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.00.00  عيسوي

بيت المقدس: هيءُ شهر اسرائيل ۽ اردن جي سرحد تي تل ابيب جي ڏکڻ اڀرندي ۾ ، يهوديه جي پهاڙي ۽ پٿريلي لاهه تي واقع آهي . 1950ع ۾ هن جديد شهر کي اسرائيل جي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو ويو .


1500.00.00  قبلِ مسيح

. بيت المقدس ۾ ” عهدنامه قديم ۽ جديد “ ، ٻنهي ۾ بيان ڪيل ماڳن ۽ واقعن جا آثار وڏي تعداد ۾ موجود آهن . هيءُ شهر گهٽ ۾ گهٽ 15 صديون قبل مسيح کان آباد آهي .


0586.00.00  قبلِ مسيح

بيت المقدس:. 586 ق . م ۾ بابُلَ هن تي قبضو ڪيو .


0637.00.00  عيسوي

. 637ع ۾ هيءُ شهر مسلمانن جي ملڪيت ۾ شامل ٿيو .


1967.00.00  عيسوي

جون 1967ع ۾ عربن ( متحده عرب جمهوريه ، اردن ۽ شام ) ۽ اسرائيلين جي وچ ۾ جيڪا جنگ لڳي ، تنهن ۾ اسرائيلين بيت المقدس جي عربي علائقن تي قبضو ڪري ورتو . اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ فيصلو ڪيو ته اهو علائقو واپس ڪيو وڃي ، ليڪن اسرائيلين ان تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو .



شهر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پڊ عيدن
ڪنگري
بصره
باقراڻي
پنگريو
ٽنڊو ٺوڙهو
انڙ پور
کھڙا
رڙي 1
ڄام شورو
شهر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون