بيبي ڀوري ۽ ڦل وڌوئي وارو ماڳ

بيبي ڀوري ۽ ڦل وڌوئي وارو ماڳ

بيبي ڀوري ۽ ڦل وڌوئي وارو ماڳ

بيبي ڀوري ۽ ڦل وڌوئي وارو ماڳ: بيبي ڀوري ۽ ڦل وڌوئي جي مزار تعلقي ڪوٽڏيجي ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڪوٽڏيجي قلعي جي سامهون وارين ٽڪرين تي واقع آهي. هن مزار سان مقامي ماڻهن ڪيتريون ئي روايتون منسوب ڪيون آهن. هن مزار لاءِ مشھور آهي تہ هيءُ بزرگ پنھنجي وقت جو پهتل ولي ٿي گذريو آهي. ڦل وڌُائي جي مزار جبل جي چوٽيءَ تي بيبي ڀوريءَ واري ماڳ سان لڳو لڳ آهي. مزار پڪين سرن جي آهي، جنهن ۾ گچ گارو استعمال ٿيل آهي. مزار تي گچ گاري جو ليپو ٿيل هوندو، جيڪو هن وقت تقريباً ڇڻي لھي ويو آهي. مزار ڪافي اوچي آهي. اوساري گچ سان ٿيل آهي. مزار تري کان ويڪري ٿلهي واري آهي، جيڪا مٿي جيئن پوءِ تيئن طبقن ۾ سوڙهي ٿيندي چوٽي تي بٺي ٺاهي ٿي. هن لاءِ مشھور آهي تہ ڦل وڌوئي، بيبي ڀوري نالي خاتون سان عشق ڪيو ۽ هي ٻئي هتي مدفون آهن. بيبي ڀوريءَ لاءِ مشھور آهي تہ ڦل وڌوئي سان عشق سبب ماڻهو سندن دشمن ٿي پيا، جنهن ڪري هن هتي ٽڪريءَ تان خودڪشي ڪئي. مقامي ماڻهن هن ماڳ کي سندن نالي سان منسوب ڪيو. ڦل وڌوئي پڻ بيبي ڀوريءَ جي وڃڻ شرط رحلت ڪئي ۽ کيس هتي مدفون ڪيائون.
بيبي ڀوريءَ جي بہ قبر ڦل وڌوئي جي مزار سان گڏ آهي. جنهن تي ڪو بہ مقبرو اڏيل ڪونه آهي. بلڪہ فقط جابلو چوٽي آهي، جنهن جي سنئين پٽ تي مقامي ماڻهن دڪيءَ ۾ عَلَمُ نصب ڪري ڇڏيو آهي. هن ماڳ تان ڪوٽڏيجيءَ جو سمورو شھر نظر اچي ٿو. هيءُ هنڌ سياحتي ماڳ طور بہ ترقي وٺي سگهي ٿو، پر سنڌ جي اڪثر اهڙن قدرتي منظرن وارن هنڌن جيان هيءُ ماڳ پڻ مڪمل طور نظر انداز ڪيل آهي. ڦل وڌوئي واري مزار هاڻي خستہ حال آهي. هتي مقامي ماڻهو گهمڻ توڙي عقيدي جي خيال کان ايندا رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو