بيبيون ستيون قبرستان: چئن ايڪڙن تي مشتمل هيءُ قبرستان پني عاقل تعلقي ۾ سلطان پور شھر کان اوڀر طرف ڳوٺ لعل ڏني ڪَٽي ۾ واقع آهي. بيبيون ستيون ٻہ صديون پراڻو قبرستان آهي. عام روايت آهي تہ بيبين ستين جي قبرن مان نڪتل پلئہ ڪافي عرصو موجود هئا. هن قبرستان ۾ صرف عورتن کي دفن ڪرڻ جو رواج پيو.